ملڪ ۾ سيمينٽ جي مجموعي مقامي وڪري ۾ شروعاتي ٽه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي 6 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي مجموعي مقامي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي ٽه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي 6 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهي عرصي ۾ سيمينٽ جي روانگي واپار ۾ 9 سيڪڙو جي گهٽتائي جو امڪان آهي. آل پاڪستان سيمينٽ مينيوفيڪچرز ايسوسيئيشن ۽ ٽاپ لائن ريسرچ مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي ٽه ماهي دوران سيمينٽ …

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي مجموعي مقامي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي ٽه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي 6 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهي عرصي ۾ سيمينٽ جي روانگي واپار ۾ 9 سيڪڙو جي گهٽتائي جو امڪان آهي. آل پاڪستان سيمينٽ مينيوفيڪچرز ايسوسيئيشن ۽ ٽاپ لائن ريسرچ مطابق جاري مالي سال جي شروعاتي ٽه ماهي دوران سيمينٽ جي مجموعي مقامي وڪري جو ڳاڻيٽو 10.67 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 10.07 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي ٽه ماهي ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي وڪري جو ڳاڻيٽو 8.76 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 8.38 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ساڳئي طرح شروعاتي ٽه ماهي ۾ ملڪ جي ڏکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ سيمينٽ جي مجموعي وڪري جو ڳاڻيٽو 1.91 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 1.69 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو وڌيڪ آهي. رپورٽ مطابق سيپٽمبر 2026ع ۾ سيمينٽ جي مجموعي مقامي وڪري جو ڳاڻيٽو 3.62 ملين ٽن رڪارڊ رهڻ جو امڪان آهي، جيڪو گذريل سال سيپٽمبر ۾ رڪارڊ ڪيل 3.53 ملين ٽن وڪري جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ٻي طرف مالي سال جي شروعاتي 3 ماهي ۾ سيمينٽ جي مجموعي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 2.35 ملين ٽن رهڻ جو اندازو آهي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي 2.59 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ 9 سيڪڙو گهٽ آهي. 

مزید خبریں