اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هاڪي ٽيم ايشين گيمز جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. 20هين ايشين گيمز ايچي ناگويا ۾ 2026ع جي مينز هاڪي ايونٽ جي پول بي جي هڪ اهم ميچ ۾ قومي هاڪي ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي عمان کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 2 جي مقابلي ۾ 7 گول تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي. اهڙي طرح پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي …
پاڪستان هاڪي ٽيم ايشين گيمز جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هاڪي ٽيم ايشين گيمز جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. 20هين ايشين گيمز ايچي ناگويا ۾ 2026ع جي مينز هاڪي ايونٽ جي پول بي جي هڪ اهم ميچ ۾ قومي هاڪي ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي عمان کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 2 جي مقابلي ۾ 7 گول تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي. اهڙي طرح پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ميچ جي شروعات کان ئي قومي رانديگرن جارحاڻو انداز رهيو ۽ مسلسل حملا ڪري عمان جي دفاعي لائن کي دٻاءُ ۾ رکيو. پاڪستان طرفان بهترين راند جو مظاهرو ڪندي رانديگرن شاندار فيلڊ گولز ۽ پينلٽي ڪارنرز کي گولز ۾ تبديل ڪيو. پاڪستان طرفان رانا وحيد اشرف شاندار هيٽرڪ ڪئي. سفيان خان پينلٽي ڪارنر ذريعي 2 شاندار گول ڪيا، غضنفر علي 1 گول ۽ محمد عماد 1 گول اسڪور ڪيو. عمان طرفان البرا النوفلي ۽ مديت ايمن هڪ، هڪ گول اسڪور ڪيو. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني ٽيم کي ان شاندار فتح تي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته قومي ٽيم سيمي فائنل ۾ به انهي تسلسل ۽ جذبي سان فتح جو سفر جاري رکندي.










