اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ترقي ٿي رهي آهي ۽ حڪومت وزيراعظم جي مقرر ڪيل 25 ارب ڊالر جي روانگي واپار جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان گامزن آهي. 24 ڪروڙ ملڪ جي آبادي ۾ 68 سيڪڙو نوجوان ۽ ورڪ فورس …
آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 25 ارب ڊالر هدف لاءِ پرعزم، نوجوان ۽ عورتون ٽيلنٽ پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهن: شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي، ته پاڪستان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ترقي ٿي رهي آهي ۽ حڪومت وزيراعظم جي مقرر ڪيل 25 ارب ڊالر جي روانگي واپار جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان گامزن آهي. 24 ڪروڙ ملڪ جي آبادي ۾ 68 سيڪڙو نوجوان ۽ ورڪ فورس جو 50 سيڪڙو عورتون آهن جن جي بنياد تي ملڪ جو ڊجيٽل سروسز سيڪٽر عالمي مارڪيٽن ۾ مقابلو ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ملڪي معيشت روايتي ڪارگو ۽ شپمينٽس بدران جديد ناليج بيسڊ سروسز تي منتقل ٿي رهي آهي. اها ڳالهه هن سومر تي اسلام آباد ۾ هواوي گلوبل سروس سينٽر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. سندس چوڻ هو ته باصلاحيت آءِ ٽي ٽيلنٽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته صرف وفاقي گادي واري هنڌ ۾ ويهي اڍائي هزار نوجوان انجنيئرز وچ اوڀر، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا سميت دنيا جي 100 کان وڌيڪ عالمي مارڪيٽن جو ٽيليڪام ۽ آءِ ٽي نيٽ ورڪس هلائي رهيا آهن، جيڪي دنيا ۾ پاڪستان جي هڪ مضبوط ۽ باوقار سڃاڻپ قائم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ملڪ اندر ڊجيٽل انقلاب ۽ نوجوانن جي جديد اسڪلز ٽريننگ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ 3 لک شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي سان تيار ڪرڻ واري پروگرام تحت 200 کان وڌيڪ ملڪي يونيورسٽين ۾ جديد آءِ ٽي اڪيڊميون قائم ڪيون ويون آهن جن مان تربيت حاصل ڪندڙ 400 کان وڌيڪ پاڪستاني ماهر پرڏيهه عالمي مارڪيٽن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڊجيٽل ڪنيڪٽيويٽي ۽ ٽيليڪام انفراسٽرڪچر جي لحاظ کان نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ تازو ئي 480 ميگا هرٽز جي تاريخي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي اسپيڪٽرم نيلامي ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي، جيڪا فائيو جي ۽ جديد ترين مستقبل جي ٽيڪنالاجيز جو بنياد فراهم ڪندي. هن چيو ته حڪومت عالمي ٽيڪ ڪمپنين سان حصيداري رڳو سروسز تائين محدود ناهي رکي رهي پر ملڪ ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽرز جي قيام کي يقيني بڻائي رهي آهي ته جيئن پاڪستاني نوجوان عالمي سطح تي جدت تي ٻڌل منصوبن جي قيادت ڪري سگهن.











