اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري انڪشاف ڪيو آهي، ته پاڪستان ۾ گذريل اڍائي ٽن سالن دوران ٿيندڙ دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ حملو ڪندڙن ۾ 70 سيڪڙو افغان شهري ملوث آهن، جڏهن ته ڊي آءِ خان چيڪ پوسٽ حملي ۾ ملوث دهشتگردن جا نشان ڪابل سان مليا آهن. ڪي پي ڪي حڪومت جو دهشتگردن ۽ افغانستان جي حوالي سان نرم رويو، …
ڊي آءِ خان حملي جي ڪَڙيون ڪابل سان ملن ٿيون: مملڪتي وزير طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري انڪشاف ڪيو آهي، ته پاڪستان ۾ گذريل اڍائي ٽن سالن دوران ٿيندڙ دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ حملو ڪندڙن ۾ 70 سيڪڙو افغان شهري ملوث آهن، جڏهن ته ڊي آءِ خان چيڪ پوسٽ حملي ۾ ملوث دهشتگردن جا نشان ڪابل سان مليا آهن. ڪي پي ڪي حڪومت جو دهشتگردن ۽ افغانستان جي حوالي سان نرم رويو، سهولتڪاري ۽ مجرماڻي ڪوتاهي ملڪ کي دهشتگردي جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. هو سومر ڏينهن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطالله تارڙ سان پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽر طلال چوڌري ٻڌايو ته ڊي آءِ خان چيڪ پوسٽ حملي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت معصوم شهرين، عورتن، ٻارن ۽ غير هٿيار ريسڪيو اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد جو نادرا ۾ ڪو به رڪارڊ موجود ناهي، جڏهن ته اوپن سورس انٽيليجنس ذريعي تصديق ٿي آهي ته ان جي تصوير ڪابل جي هڪ چوڪ جي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي پراڪسيز اوڀر سرحد تان فنڊ ۽ اولهه سرحد جي محفوظ پناهه گاهن مان آپريٽ ٿي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ٻه طرفي سطح، عالمي فورمز، ڊوزيئرز ۽ ڳالهين ذريعي ڪيترائي ڀيرا ڪابل انتظاميه کي سمجهايو پر افغان عارضي حڪومت پنهنجي ڌرتي تان پاڪستان خلاف استعمال نه روڪي سگهي، معصوم شهرين ۽ ريسڪيو اهلڪارن تي حملا ڊالرن جي عيوض ڪيل کليل دهشتگردي آهن. هن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي ڊي آءِ خان دوري تي سوال اٿاريو ته ايڏي ڊگهي پريس ڪانفرنس ۾ وڏي وزير افغانستان جو نالو کڻي مذمت ڇو نه ڪئي؟ صوبائي قيادت دهشتگردن خلاف آخرڪار ڇو نرم رويو اختيار ڪيو آهي؟ هن چيو ته ڪي پي ڪي جي سياسي قيادت 14 سالن کان سيڪيورٽي فورسز جي پٺ تي بيٺل نه رهي، ڪي پي ڪي حڪومت ٻڌائي ته اين ايف سي تحت ملندڙ 800 ارب روپيا ڪٿي خرچ ٿيا؟ صوبي ۾ سي ٽي ڊي اڄ به ڪرائي جي گهرن ۾ آهي ۽ فورسز وٽ نه بلٽ پروف گاڏيون آهن، نه جيڪٽس ۽ نه ئي وري جديد ٽريننگ، جڏهن ته پوليس ايڪٽ ۾ ترميم ذريعي پوليس کان اختيار به کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي قيادت سيڪيورٽي اجلاسن، اي پي سي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم ميٽنگز ۾ شرڪت نه ٿي ڪري، صرف اين ايف سي فنڊز گهرڻ لاءِ اسلام آباد اچي ٿي، جڏهن صوبائي حڪومت قومي سلامتي جي فورمز کان فرار ٿيڻ جي راهه اختيار ڪندي ۽ دشمن جو نالو وٺڻ کان ڪيٻائيندي ته دهشتگردي خلاف جنگ ڪيئن کٽي سگهندي؟ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن واضح ڪيو ته اسلام آباد جي 325 رستن مان ڪو به بند ناهي ڪيو ويو، شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ۽ عدالتي حڪمن تحت ڪنٽينرز سميت احتياطي انتظام ڪيا ويا آهن، جن کي ضرورت پوڻ تي استعمال ڪيو ويندو، جڏهن ته سامان وارا ڪنٽينر روڪڻ جي به شڪايت ناهي ملي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته فرانزڪ ليبز، سيف سٽيز ۽ جديد اوزارن کان سواءِ امن قائم نٿو ٿي سگهي، پر ڪي پي ڪي جي اڌ کان وڌيڪ ضلعن ۾ اڄ به سي ٽي ڊي موجود ناهي. دهشتگردي سبب شديد متاثر پشاور ۾ رڳو 25 ڪيمرائون هيون، پهريون سيف سٽي پروجيڪٽ هاڻي مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي. پنجاب مان سي ٽي ڊي ۽ سيف سٽيز ٺاهي دهشتگردي جو خاتمو ڪيو جڏهن ته ڪي پي حڪومت 14 سالن ۾ ادارو قائم ناهي ڪيو. هن چيو ته هو جلد سڌ سماءَ واري وفاقي وزير سان گڏ نيشنل ايڪشن پلان جي 14 نقطن تي وفاق ۽ صوبن جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏيندو.











