سينيٽر عبدالقادر جي سربراهي ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد منيلا پهچي ويو، عالمي مالياتي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو

اسلام آباد/ منيلا- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽر عبدالقادر جي اڳواڻي ۾ سينيٽ جو پارلياماني وفد فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق پارلياماني وفد ”خودمختيار مالياتي اداري ۽ بين الحڪومتي مالياتي لاڳاپن جا انتظام: مضبوط معيشت ۽ جامع اقتصادي ترقي کي هٿي وٺائڻ ڏانهن“ جي عنوان سان منعقد ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وفد ۾ سينيٽر وقار مهدي به شامل آهي. …

اسلام آباد/ منيلا- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽر عبدالقادر جي اڳواڻي ۾ سينيٽ جو پارلياماني وفد فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا پهچي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق پارلياماني وفد ”خودمختيار مالياتي اداري ۽ بين الحڪومتي مالياتي لاڳاپن جا انتظام: مضبوط معيشت ۽ جامع اقتصادي ترقي کي هٿي وٺائڻ ڏانهن“ جي عنوان سان منعقد ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وفد ۾ سينيٽر وقار مهدي به شامل آهي. ڪانفرنس 28 ۽ 29 سيپٽمبر 2026ع تي منعقد ٿي رهي آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا پارلياماني نمائندا، مالياتي ادارن جا سربراهه، معيشت جا ماهر ۽ پاليسي ساز شريڪ آهن.

مزید خبریں