حيدرآباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ورلڊ ريبيز ڊي جي موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ، حيدرآباد جي آفيس مان ريبيز کان بچاءَ، ڪُتن جي چڪ جي واقعن کي روڪڻ ۽ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ آگاهي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ صحت کاتي جي آفيسرن، طبي عملي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ ڊاڪٽر پرويز شيخ ۽ ريبيز …
ورلڊ ريبيز ڊي جي موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ پاران عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ آگاهي ريلي ڪڍي وئي
حيدرآباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ورلڊ ريبيز ڊي جي موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ، حيدرآباد جي آفيس مان ريبيز کان بچاءَ، ڪُتن جي چڪ جي واقعن کي روڪڻ ۽ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ آگاهي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ صحت کاتي جي آفيسرن، طبي عملي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ ڊاڪٽر پرويز شيخ ۽ ريبيز بابت فوڪل پرسن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ريبيز کان بچاءَ لاءِ وقت سر طبي امداد، ويڪسينيشن ۽ عوامي آگاهي انتهائي اهم آهي. هنن ٻڌايو ته هر سال 28 سيپٽمبر تي فرانسيسي سائنسدان لوئي پاسچر جي ياد ۾ ورلڊ ريبيز ڊي ملهايو ويندو آهي، جنهن ريبيز خلاف پهرين ويڪسين تيار ڪئي هئي. صحت کاتي جي اختيارين موجب پاڪستان ۾ گذريل سال ڪُتن جي چڪ جا اٽڪل 2 لک 85 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن دوران 1 لک 40 هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. ڪُتن جي چڪ جو شڪار ٿيندڙن ۾ ٻارن جو انگ پڻ نمايان آهي، تنهن ڪري والدين کي گهرجي ته ٻارن کي آواره ڪتن کان پري رکن ۽ کين حفاظتي تدبيرن بابت آگاهه ڪن. هنن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪُتو چڪي ته زخم کي فوري طور تي گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽن تائين صابڻ ۽ وهندڙ پاڻي سان چڱيءَ طرح ڌوئڻ ضروري آهي، جڏهن ته متاثر شخص کي بنا دير ويجهي صحت مرڪز پهچي ويڪسينيشن ۽ طبي معائنو ڪرائڻ گهرجي. هنن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ ريبيز کان بچاءَ لاءِ هڪ لک 50 هزار کان وڌيڪ ويڪسين جون خوراڪون موجود آهن، جڏهن ته سڄي صوبي ۾ 371 ويڪسينيشن مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. صحت کاتي جي اختيارين چيو ته ريبيز جي خاتمي لاءِ صحت کاتي سان گڏ بلدياتي ادارن، ميونسپل ادارن، ريسڪيو ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي گڏيل ۽ مربوط حڪمت عملي تحت ڪم ڪرڻو پوندو. اختيارين عوام کي اپيل ڪئي ته ڪُتي جي چڪ لڳڻ جي صورت ۾ گهريلو ٽوٽڪن تي ڀروسو ڪرڻ يا علاج ۾ دير ڪرڻ بدران فوري طور زخم ڌوئي ويجهي سرڪاري صحت مرڪز سان رابطو ڪن، ڇو ته وقت سر ويڪسينيشن ريبيز کان بچاءَ جو اهم ذريعو آهي.












