بيجنگ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊيوڊ پرڊيو چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي هٿيار چين کي وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽ مطابق اها ڳالهه هن هڪ انٽرويو دوران چئي. هن چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ لڳاتار اهو چوندو رهيو آهي ته اسان سڄي دنيا ۾ ٻين ملڪن کي هٿيار وڪرو ڪندا آهيون ۽ ڳالهين دورران هڪ موقعي تي هن چيني …
صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي: آمريڪي سفير
بيجنگ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊيوڊ پرڊيو چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي هٿيار چين کي وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽ مطابق اها ڳالهه هن هڪ انٽرويو دوران چئي. هن چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ لڳاتار اهو چوندو رهيو آهي ته اسان سڄي دنيا ۾ ٻين ملڪن کي هٿيار وڪرو ڪندا آهيون ۽ ڳالهين دورران هڪ موقعي تي هن چيني صدر کان به پُڇيو ته هو ڪجهه هٿيار خريد ڪرڻ چاهي ٿو. آمريڪي سفير چيو ته ٻين شين جي وڪري جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن، آمريڪي ۽ چيني صدر جڏهن به ملندا آهن، ان معاملي تي ڳالهيون ڪندا آهن. هن اها به وضاحت ڪئي ته وڪري جي معاملي ۾ آمريڪا جو وقف اهو ئي آهي ۽ تبديل ناهي ٿيو.












