سعودي عرب گڏيل قومن جي دهشتگردي روڪٿام مرڪز کي 6 ملين ڊالر ڏيندو

گڏيل قومون - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب گڏيل قومن جي دهشتگردي روڪٿام مرڪز (يو اين او سي ٽي) تحت پروگرامن لاءِ 6 ملين ڊالر جي فنانشل سپورٽ فراهم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ڳالهه جو اعلان پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري انتونيو گوتريش سان ملاقات دوران ڪيو. اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين سيشن دوران ٿي …

گڏيل قومون – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب گڏيل قومن جي دهشتگردي روڪٿام مرڪز (يو اين او سي ٽي) تحت پروگرامن لاءِ 6 ملين ڊالر جي فنانشل سپورٽ فراهم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان ڳالهه جو اعلان پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري انتونيو گوتريش سان ملاقات دوران ڪيو. اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين سيشن دوران ٿي آهي. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ گڏيل قومن وچ ڻ سهڪار جي شعبن جو جائزو، گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڏيل قومن جي دهشتگردي روڪٿام مرڪز لاءِ مملڪت جي فنانشل سپورٽ جي شروعات 2027ع جي مالي سال کان ٿيندي. اها سپورٽ دهشتگردي جي روڪٿام جي حوالي سان مختلف شعبن ۾ گڏيل قومن جي مرڪز جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مملڪت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. سعودي عرب گڏيل قومن جي دهشتگردي روڪٿام مرڪز سان ڊگهي عرصي کان سهڪار کي برقرار رکيو آهي. مرڪز جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ان جي سرگرمين ۾ مدد لاءِ 110 ملين ڊالر جو سهڪار ڪيو. مملڪت تازو ئي دهشتگردي جي روڪٿام جي عرب حڪمت عملي جي سپورٽ جي هڪ منصوبي جي فنانشل سپورٽ لاءِ امداد فراهم ڪئي آهي.

مزید خبریں