ماسڪو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي دفاع واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته روس جي فوج يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف ۾ اوميگا ٽيليڪام ۽ ڪيف اسٽار جي ڊيٽا سينٽرز کي نشانو بڻايو آهي، جيڪي يوڪرين جي هٿياربند فوج کي تيز رفتار انٽرنيٽ خدمتون فراهم ڪن ٿا. روس جي دفاع واري وزارت جاري بيان ۾ چيو ته روس جي فوج يوڪرين جي هٿياربند فوج جي مفادن ۾ …
روس جي دفاع واري وزارت پاران يوڪرين جي فوج جي استعمال هيٺ ڊيٽا سينٽرز تي حملن جي دعويٰ
ماسڪو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي دفاع واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته روس جي فوج يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف ۾ اوميگا ٽيليڪام ۽ ڪيف اسٽار جي ڊيٽا سينٽرز کي نشانو بڻايو آهي، جيڪي يوڪرين جي هٿياربند فوج کي تيز رفتار انٽرنيٽ خدمتون فراهم ڪن ٿا. روس جي دفاع واري وزارت جاري بيان ۾ چيو ته روس جي فوج يوڪرين جي هٿياربند فوج جي مفادن ۾ استعمال ٿيندڙ مواصلاتي ۽ لاجسٽڪ مرڪزن سميت سامونڊي جهازن کي به مسلسل نشانو بڻائي رهي آهي. وزارت مطابق روسي ”گيران“ ڊرونز ذريعي ڊيٽا سينٽرز تي ڪيل حملن سان يوڪريني فوجي اهلڪارن جي استعمال هيٺ انٽرنيٽ سروسز متاثر ٿيون. ٻئي پاسي دفاع واري وزارت دعويٰ ڪئي ته روس جي فضائي دفاعي نظام هڪ ئي ڏينهندوران روس جي مختلف علائقن ۽ اسود سمنڊ مٿان 43 يوڪريني ڊرونز کي روڪي تباهه ڪري ڇڏيو.












