نيپال ۾ مسلسل برساتن سبب 21 ڄڻا فوت، 5 گم ٿي ويا

کٽمنڊو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ گذريل هفتي خميس کان جاري مسلسل برساتن سبب ٻوڏ ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ 5 گم ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم باليندر شاه ٻڌايو ته حادثن ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. نيشنل ڊيزاسٽر رسڪ ريڊڪشن اينڊ منيجمينٽ اٿارٽي مطابق آچر جي شام تائين 747 خاندان متاثر …

کٽمنڊو- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) نيپال ۾ گذريل هفتي خميس کان جاري مسلسل برساتن سبب ٻوڏ ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ 5 گم ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم باليندر شاه ٻڌايو ته حادثن ۾ 5 ڄڻا زخمي به ٿيا جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. نيشنل ڊيزاسٽر رسڪ ريڊڪشن اينڊ منيجمينٽ اٿارٽي مطابق آچر جي شام تائين 747 خاندان متاثر ٿيا، 143 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا ۽ 51 کي جزوي نقصان پهتو. وزيراعظم چيو ته خراب موسم سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مختلف علائقن وچ ۾ زميني رابطا متاثر ٿيا ۽ ٻوڏ ۽ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب هڪ درجن کان وڌيڪ روڊ متاثر ٿيا. هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب هڪ هزار 13.2 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي به متاثر ٿي جڏهن ته ٽرانسميشن ٽاورز ڪرڻ سبب مجموعي طور تي 318 ميگاواٽ صلاحيت جا پن بجلي منصوبا بند ڪيا ويا آهن. هن خبردار ڪيو ته خطرو اڃان ٽريو ناهي.

مزید خبریں