ميڪسيڪو سٽي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شين بام ملڪي اندروني معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت جي مخالفت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي حال ۽ مستقبل بابت فيصلا رڳو ميڪسيڪو جي عوام جو حق آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ميڪسيڪو سٽي جي مرڪزي چوڪزوڪالو ۾ ملڪ گير احتسابي دوري جي پڃاڻي تي منعقد ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن پرڏيهي طاقت يا اقتصادي …
ميڪسيڪو جي صدر پاران ملڪي معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت رد ڪرڻ جو ورجاءُ
ميڪسيڪو سٽي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شين بام ملڪي اندروني معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت جي مخالفت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي حال ۽ مستقبل بابت فيصلا رڳو ميڪسيڪو جي عوام جو حق آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ميڪسيڪو سٽي جي مرڪزي چوڪزوڪالو ۾ ملڪ گير احتسابي دوري جي پڃاڻي تي منعقد ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن پرڏيهي طاقت يا اقتصادي يا سياسي اشرافيا کي ميڪسيڪو جي حال ۽ مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق حاصل ناهي. ڪلاڊيا شين بام قومي خودمختياري جي تحفظ کي اڳوڻي صدر آندرس مينوئل لوپيز اوبراڊور جي شروع ڪيل ”فورٿ ٽرانسفارميشن“ سياسي منصوبي سان ڳنڍيو، جنهن جو مقصد سماجي ڀلائي، برابري ۽ قومي خودمختياري تي زور ڀريندي ملڪ جي ترقياتي ماڊل ۾ تبديلي آڻڻ آهي. هن چيو ته ميڪسيڪو ۾ جاري تبديلي آزادي ۽ سماجي تبديلي جي تاريخي جدوجهد جو تسلسل آهي، جنهن ۾ آزادي جي تحريڪ، 19 هين صدي جي سڌارن واري دور ۽ ميڪسيڪو جي انقلاب سميت مختلف دور شامل آهن.












