هر شهري جي ڄاڻ تائين پهچ جي آئيني حق لاءِ پر عزم آهيون: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هر شهري جي ڄاڻ تائين پهچ جي حق لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڊجيٽل پليٽ فارمز، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي تيزي سان هٿي وٺندڙ ماحول ۾ درست ۽ اعتماد جوڳي ڄاڻ تائين پهچ هڪ با خبر جمهوريت لاءِ نه صرف وڌيڪ ڏکئي پر انتهائي اهم بڻجي وئي آهي جيڪا ان ڳالهه …

اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هر شهري جي ڄاڻ تائين پهچ جي حق لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڊجيٽل پليٽ فارمز، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي تيزي سان هٿي وٺندڙ ماحول ۾ درست ۽ اعتماد جوڳي ڄاڻ تائين پهچ هڪ با خبر جمهوريت لاءِ نه صرف وڌيڪ ڏکئي پر انتهائي اهم بڻجي وئي آهي جيڪا ان ڳالهه جي گهُرجائو آهي ته لاڳاپيل ادارن، عوام دوست صحافين، ميڊيا ادارن، اطلاعات وارن شعبن سان واڳيل ماهرن، محققن ۽ ٻين ماهرن جي ڪردار تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ته جئين شهري تيزي سان تبديل ٿيندڙ ڄاڻ واري ماحول ۾ بهتر طور تي رهنمائي حاصل ڪري سگهن. اها ڳالهه هن ڄاڻ تائين بهتر پهچ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو 28 سيپٽمبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر ڄاڻ تي بهتر پهچ جي عالمي ڏينهن تي هر شهري جي ڄاڻ تائين پهچ جي حق خاص ڪري عوامي اهميت جي معاملن بابت ڄاڻ تائين پهچ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته جمهوريت ۾ هر شهري ان وقت ئي عوامي زندگي ۾ با مقصد طور تي حصو وٺي سگهي ٿو جڏهن ان کي وقت سر، تصديق ٿيل ۽ اعتماد جوڳي ڄاڻ تائين پهچ حاصل هجي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين ان حق لاءِ واضح بنياد فراهم ڪري ٿو. 18 هين آئيني ترميم اظهار جي آزادي جي آئيني ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ آرٽيڪل – 19 اي شامل ڪيو ويو جيڪو هر شهري کي قانون تحت لاڳاپيل ضابطن ۽ مناسب پابندين جي تابع عوامي اهميت جي معاملن ۾ ڄاڻ تائين پهچ جو حق ڏئي ٿو. صدر مملڪت چيو ته وڌيڪ وفاقي سطح تي ڄاڻ تائين پهچ جي حق وارو ايڪٽ 2017ع به ڄاڻ تائين پهچ لاءِ قانوني فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو. جيتوڻيڪ اڄ ڄاڻ ڄاڻڻ جو حق وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي. ڊجيٽل پليٽ فارمز، مصنوعي ذهانت ۽ ٻيون اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي تيزي سان فروغ ڄاڻ جي تياري، ترسيل ۽ استعمال جي طريقيڪار کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته چئلينج هاڻي صرف اهو ناهي رهيو ته ڄاڻ دستياب آهي يا نه پر اهو به آهي ته شهري اعتماد جوڳي ڄاڻ ۽ اهڙي مواد ۾ فرق ڪري سگهي جيڪو ڪوڙ، وضاحت ٿيل يا ڄاڻي واڻي گمراهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هجي. صدر مملڪت چيو ته رياستي ۽ غير رياستي عنصرن، دهشتگرد ۽ ڏوهاري نيٽ ورڪس ۽ بي قابو ۽ حد کان وڌيڪ طاقتور ٽيڪنالاجي ڪمپنين سميت مختلف عنصرن طرفان ڄاڻ کي ختم يا هٿيار طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان صورتحال ۾ درست ۽ اعتماد جوڳي ڄاڻ تائين پهچ هڪ با خبر جمهوريت لاءِ نه صرف وڌيڪ ڏکئي پر انتهائي اهم بڻجي وئي آهي. اها صورتحال ان ڳالهه جي گهُرجائو آهي ته عوام دوست صحافين، ميڊيا ادارن، سڌ سماءَ وارن شعبن سان واڳيل ماهرن، محققن ۽ بين ماهرن جي ڪردار تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن شهري تيزي سان تبديل ٿيندڙ اطلاعاتي ماحول ۾ بهتر طور تي رهنمائي حاصل ڪري سگهن، ان ڪري اسان جو رد عمل اهڙو هجڻ گهرجي ته شهري جي معلومات ڄاڻڻ جي حق جو تحفظ ڪيو وڃي جڏهن ته واپاري بنيادن تي ڦهلايل غلط ڄاڻ ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ کي منهن ڏيڻ جين ڪوششون جائز عوامي مفاد جي صحافت، منصفاڻي تنقيد ۽ با معنيٰ عوامي بحث کي دٻائڻ جو ذريعو نه بڻجي. هن چيو ته عوامي ادارن طرفان شفافيت، جوابدهي ۽ ذميواراڻي ڄاڻ اڻٽر آهن. شهرين کي اعتماد جوڳي ذريعن کان تصديق ٿيل ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي، خاص ڪري انهن معاملن تي جيڪي سڌي ريت انهن جي زندگين کي متاثر ڪن ٿا. صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اچو، ان ڏينهن اسان شهرين جي ڄاڻ تائين پهچ جي حق جي تحفظ ۽ انهن ادارن ۽ پيشيوراڻي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبطو بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيون جيڪي تيزي سان تبديل ٿيندڙ اطلاعات واري ماحول ۾ ان حق جي تحفظ ۽ هٿي لاءِ ضروري آهن.