اسلام آباد - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) مٽاسٽا واري ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.50 ارب ڊالر اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جون 2026ع جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 23.23 ارب ڊالر هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وت موجود ذخيرا 18.376 ارب ڊالر جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 4.87 ارب ڊالر …
مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران 3.50 ارب ڊالر اضافو رڪارڊ: اسٽيٽ بئنڪ
اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) مٽاسٽا واري ناڻي جي ملڪي ذخيرن ۾ جاري مالي سال دوران مجموعي طور تي 3.50 ارب ڊالر اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جون 2026ع جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ناڻي جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 23.23 ارب ڊالر هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وت موجود ذخيرا 18.376 ارب ڊالر جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 4.87 ارب ڊالر هئا. 18 سيپٽمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ مٽاسٽا واري ناڻي جا ملڪي ذخيرا وڌي 26.81 ارب ڊالر ٿي ويا. اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 21.38 ارب ڊالر جڏهن ته ڪمرشل بئنڪ جا ذخيرا 5.402 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا. جاري مالي سال دوران اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا وارن ناڻي جي ذخيرن ۾ مجموعي طور تي 3.04 ارب ڊالر جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جي ذخيرن ۾ 553 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي.












