اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته جرمني ۾ 16 کان 18 مارچ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ”آءِ ٽي بي برلن 2027ع“ ۾ شرڪت لاءِ 23 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ۾ ٽوور آپريٽرز، ٽريول ايجنٽس، ايئرلائنز ۽ ان ئي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي …
جرمني ۾ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 23 آڪٽوبر تائين طلب
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته جرمني ۾ 16 کان 18 مارچ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ”آءِ ٽي بي برلن 2027ع“ ۾ شرڪت لاءِ 23 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ۾ ٽوور آپريٽرز، ٽريول ايجنٽس، ايئرلائنز ۽ ان ئي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ۽ ادارا پنهنجون مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا واپاري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿيون.












