اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان وچ ايشيا سان واپار، جديد ريل رابطن ۽ نون واپاري رستن کي هٿي ڏئي پنهنجي جاگرافيائي پوزيشن کي معاشي ترقي، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن لاءِ ڪتب آڻڻ چاهي ٿو. سومر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته هو پاڪستان جي نمائندگي لاءِ منگوليا جي گادي …
پاڪستان کي وچ ايشيا سان جديد ريل رابطن ۽ نون واپاري رستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا: احسن اقبال
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان وچ ايشيا سان واپار، جديد ريل رابطن ۽ نون واپاري رستن کي هٿي ڏئي پنهنجي جاگرافيائي پوزيشن کي معاشي ترقي، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن لاءِ ڪتب آڻڻ چاهي ٿو. سومر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته هو پاڪستان جي نمائندگي لاءِ منگوليا جي گادي واري هنڌ اولان باتور ۾ وچ ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پهتو آهي. اولان باتور ايئر پورٽ پهچڻ تي منگوليا جي معيشت واري وزارت جي اسٽيٽ سيڪريٽري بتخوايديش وفاقي وزير احسن اقبال جي آجيان ڪئي. احسن اقبال چيو ته وچ ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن اجلاس پاڪستان لاءِ وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي ۽ واپاري رابطا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو اهم موقعو آهي. پاڪستان علائقائي رابطن کي هٿي وٺائڻ، جديد انفراسٽرڪچر ۽ نون واپاري رستن ذريعي خطي ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن کي وسعت ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت ان کي وچ ايشيا، چين ۽ عالمي مارڪيٽن وچ ۾ هڪ اهم رابطو فراهم ڪري ٿي، جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ علائقائي تعاون ۽ مربوط ٽرانسپورٽ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ضروري آهي.












