قومي وطن پارٽي خيبرپختونخواهه جي چيئرمين جي ڊي آءِ خان ڌماڪي جي مذمت

پشاور- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي وطن پارٽي خيبر پختونخواهه جي چيئرمين سڪندر حيات خان شيرپائو ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن ۽ زخمين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عوام کي تحفظ گهرجي، سياسي احتجاج نه، حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اثرائتي ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪري. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن …

پشاور- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي وطن پارٽي خيبر پختونخواهه جي چيئرمين سڪندر حيات خان شيرپائو ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن ۽ زخمين جي پونئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عوام کي تحفظ گهرجي، سياسي احتجاج نه، حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اثرائتي ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪري. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن جو قيام صوبائي حڪومت جي اولين ذميواري هجڻ گهرجي، پر بدقسمتي سان حڪومت دهشتگردي جي خاتمي بجاءِ احتجاجي سياست کي ترجيح ڏئي رهي آهي.