تحريڪ انصاف ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جي “بي” ٽيم ۽ تحريڪ طالبان افغانستان جي “سي” ٽيم آهي، پي ٽي آءِ هاڻي ڌرڻن کان ڀڄي وئي آهي، جيڪڏهن همت آهي ته اچو ۽ ڌرڻو ڏيو: اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جي “بي” ٽيم ۽ تحريڪ طالبان افغانستان جي “سي” ٽيم آهي، پي ٽي آءِ هاڻي ڌرڻن کان ڀڄي وئي آهي، جيڪڏهن همت آهي ته اچو ۽ ڌرڻو ڏيو، دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪرڻ پي ٽي آءِ جي پاليسي جو حصو آهي، خيبرپختونخواهه جي سمورين سياسي …

اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جي “بي” ٽيم ۽ تحريڪ طالبان افغانستان جي “سي” ٽيم آهي، پي ٽي آءِ هاڻي ڌرڻن کان ڀڄي وئي آهي، جيڪڏهن همت آهي ته اچو ۽ ڌرڻو ڏيو، دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪرڻ پي ٽي آءِ جي پاليسي جو حصو آهي، خيبرپختونخواهه جي سمورين سياسي پارٽين تي دهشتگردن حملا ڪيا پر پي ٽي آءِ دهشتگردن جي منظور نظر رهي. جمعي ڏينهن هتي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال کان صوبائي حڪومت نه رڳو اڻڄاڻ آهي پر امن امان جي بهتري جي لاءِ موثر قدم کڻڻ کان به ڪيٻائي رهي آهي. هن سوال اٿاريو ته اهڙو ڪهڙو سبب آهي جو هڪ صوبائي حڪومت جنهن کي پنهنجي صوبي ۾ مڪمل اختيار حاصل آهي، ان جي باوجود امن امان جي صورتحال جي بهتري جي لاءِ قدم نه کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي امن امان جي حوالي سان زيرو پاليسي آهي جڏهن ته دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي بدران صوبائي حڪومت دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي. هن چيو ته دهشتگردن خيبرپختونخواهه جي سمورين سياسي پارٽين کي نشانو بڻايو جڏهن ته تحريڪ انصاف دهشتگردن جي منظور نظر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت دهشتگردن جي مذمت ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ کان مڪمل طور تي ڪيٻائي رهي آهي. دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪرڻ انهن جي پاليسي جو حصو آهي. اها ڪالعدم ٽي ٽي پي جي “بي” ٽيم ۽ تحريڪ طالبان افغانستان جي “سي” ٽيم آهي. پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان جي مڪمل سهولتڪاري ڪري رهي آهي ۽ تحريڪ طالبان افغانستان جي پڻ نمائندگي ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سهيل آفريدي پنهنجي قول ۽ فعل سان وڏو وزير گهٽ ۽ ٽي ٽي پي جو ڪمانڊر وڌيڪ نظر اچي ٿو. هن چيو ته جڏهن افغانستان پاران ڪوهاٽ تي ڊرون حملا ڪيا ويا ته پاڪستان آرمي ۽ پاڪ فضائيه انهن کي وڏي مهارت سان ناڪام بڻايو جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت پاران ان حوالي سان نه ڪو مذمتي بيان سامهون آيو ۽ نه ئي اهڙو ڪو قدم نظر آيو جنهن سان اهو ظاهر ٿئي ته اها ان معاملي تي ڪو واضح موقف اختيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومت جا ذميوار موقعي تي وڃي اهو چوندي نظر به نه آيا ته پاڪستان جي سرزمين تي حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪرم ۾ افغانستان پاران ايف سي جي جوانن تي فائرنگ ڪئي وئي جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت جا ذميوار اتي به اهو چوندي نظر نه آيا ته اسان پنهنجي جوانن ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اهڙي طرح جي فائرنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وڏو وزير سهيل آفريدي ۽ سندس ڪابينا دهشتگردن جا سهولتڪار به آهن. اها بزدلي آهي جو هاڻي اهي ڌرڻن کان به ڀڄي ويا آهن، جيڪڏهن همت آهي ته اچو ۽ ڌرڻو ڏيو. مون خيبرپختونخواهه جو دورو ڪيو آهي، اتي ڪنهن به قسم جي تياري نظر نه آئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته امن امان صوبائي معاملو آهي، صوبائي حڪومت کي گهرجي ته اها پنهنجي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪري. هن چيو ته رڳو 2026ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ 2456 دهشتگرد حملا ٿيا جيڪي سراسري طور تي هڪ ڏينهن ۾ 10 حملا بڻجن ٿا. انهن دهشتگرد حملن ۾ پوليس، فوج، رينجرز ۽ ايف سي جا 472 آفيسر ۽ جوان شهيد جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخواهه حڪومت امن امان جي صورتحال کي بهتر نه ٿي ڪرڻ چاهي ڇو ته اتي هڪ پوليٽيڪل ٽيرر ڪرائم نيڪسس آهي. صوبي ۾ تمر ۽ تماڪ جي غيرقانوني واپار، غيرقانوني کاڻين جي کوٽائي ۽ گولڊ مائننگ سميت معدنيات جي ڪاروبار ۾ گڏيل ملي ڀڳت سان سرگرميون جاري آهن. هن چيو ته غيرقانوني کاڻين جي کوٽائي ۽ ٺيڪن جي ذريعي دهشتگردن کي مبينا طور تي فنڊز فراهم ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن جي سهولتڪاري ڪئي وڃي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو اهي ماڻهو دهشتگردي کي روڪڻ نه ٿا چاهين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته امن امان جي صورتحال بهتر نه هجي ۽ بيگناهه شهرين جو رت وهندو رهي ته ان کي دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ ڪنهن صورت جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. هن چيو ته افغانستان مان ڊرون آيا ۽ ڪرم ۾ فائرنگ ٿي ته صوبائي حڪومت جا ذميوار اتان ڀڄي ويا جڏهن ته اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز پنهنجي جڳهه تي بيٺل رهي. هن چيو ته هنگو حملي ۾ زخمي ٿيندڙ شخص جي عيادت جي لاءِ جڏهن هو سي ايم ايڇ ڪوهاٽ ويو ته زخمي چيو ته “اسان بزدل نه آهيون، اسان کي صحتياب ٿيڻ ڏيو، اسان انهن دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين.” اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن جي سهولتڪاري، دهشتگردي کي فروغ ڏيڻ ۽ امن امان جي صورتحال ڄاڻي واڻي طور بهتر نه ڪرڻ، اهي سموريون شيون اسان جي سامهون آهن. دهشتگردي جي فروغ ۾ انهن جو پورو هٿ آهي ۽ ڀڄڻ انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي. هي اڳ ۾ دهشتگردن سان هٿ ملائين ٿا، انهن جي مڪمل سهولتڪاري ڪن ٿا ۽ ان کانپوءِ پاڻ کي سياسي ماڻهو چون ٿا. هن سوال ڪيو ته ڇا اهڙن عنصرن کي پنهنجو پاڻ کي سياسي ماڻهو سڏرائڻ جو حق آهي؟ هن چيو ته امان امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ان کي گهرجي ته پوليس سڌارا متعارف ڪرائي. پوليس سڌارا آڻڻ بدران صوبائي حڪومت هڪ اهڙو قانون ٺاهيو آهي جنهن جي ذريعي پوليس کي سياسي فورس بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هو چاهين ٿا ته جهڙي طرح انهن جي حڪومت دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪري ٿي، اهڙي طرح پوليس به دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪري پر اهو پاڪستان ۾ نه ٿو ٿي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جا شهري، جوان، آفيسر ۽ سيڪيورٽي فورسز پوري طرح متحرڪ آهن ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پوري قوم قربانيون ڏئي رهي آهي ۽ انشاءَ الله هڪ ڏينهن ايندو جڏهن دهشتگرد مڪمل طور تي ختم ٿي ويندا ۽ ملڪ مان انهن جو مڪمل خاتمو ٿيندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردن جي سهولتڪاري کان پاسو ڪري. اڄ تائين اهو ٻڌڻ ۾ ناهي آيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت دهشتگردن جي مذمت ڪئي هجي. هن چيو ته صوبائي حڪومت هوش کان ڪم وٺي ۽ ملڪ جي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪري.

مزید خبریں