اسلام آباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 262.28 پوائنٽس جي اضافي سان 170765.22 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران مجموعي طور تي 571 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 219 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 217 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 135 …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 262 پوائنٽس جي واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 262.28 پوائنٽس جي اضافي سان 170765.22 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڪاروباري سرگرمين دوران مجموعي طور تي 571 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن مان 219 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 217 جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 135 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 482.75 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن جي ماليت 19.28 ارب رپيا رهي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 74.20 پوائنٽس جي اضافي سان 50813.90 پوائنٽس، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 186.14 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 244391 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 27.17 ارب رپيا ماليت جا سودا طئي ٿيا. ڪاروباري سرگرمين جي لحاظ کان سينرجي پاڪستان جي 108.19 ملين، ورلڊ ٽيلي ڪام جي 28.94 ملين ۽ پاڪستان ريفائرنري لميٽيڊ جي 27.55 ملين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي.











