نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عطاف سان ملاقات

نيويارڪ - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عطاف سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي وزيرن مختلف گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نيويارڪ …

نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار الجزائر جي پرڏيهي وزير احمد عطاف سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي وزيرن مختلف گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ٻنهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن تي وسيع ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، اقتصادي تعاون، تعليم، ثقافت ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن مسلسل اعلى سطحي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي وزيرن مختلف گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۾ رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں