بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران وڏي ڪارروائي، 21 سيپٽمبر کان وٺي هن وقت تائين ڀارت جا حمايت يافته 33 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀارت جي حمايت يافته دهشتگردن فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف جامع ڪاررواين دوران 21 سيپٽمبر کان وٺي هن وقت تائين 33 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، 24 سيپٽمبر تي ”آپريشن شعبان“ جي تسلسل ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي وڌيڪ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ  جي نتيجي  ڀارت …

راولپنڊي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀارت جي حمايت يافته دهشتگردن فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان خلاف جامع ڪاررواين دوران 21 سيپٽمبر کان وٺي هن وقت تائين 33 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب، 24 سيپٽمبر تي ”آپريشن شعبان“ جي تسلسل ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي وڌيڪ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ  جي نتيجي  ڀارت جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ وڌيڪ 5 خوارجي مارجي ويا، جنهن سان ان مخصوص ڪارروائي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 22 ٿي ويو. ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ دهشتگردي جي خطري جي مڪمل خاتمي تائين  ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو. ترجمان موجب هڪ ٻئي ڪارروائي دوران 25  سيپٽمبر تي نوشڪي ضلعي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو جتي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر طريقي سان نشانو بڻايو. سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ، 11 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر عزم کي ورجائيندي چيو ته قومي ايڪشن پلان جي فيڊرل ايپڪس ڪميٽي پاران منظور ڪيل ويزن ”عزم استحڪام“ تحت، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران دهشتگردي خلاف بنا فرق جي مهم پوري طاقت ۽ رفتار سان جاري رهندي ته جيئن ملڪ مان پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽي اڇلائي سگهجي.

مزید خبریں