صدر آصف علي زرداري پاران بلوچستان ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آپريشن شعبان دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم وڌيڪ خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. صدر چيو ته …

اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آپريشن شعبان دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم وڌيڪ خوارج کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. صدر چيو ته بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 33 خوارج ۽ دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي ساراهه جوڳي ڪاميابي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد جي برآمدگي فورسز جي موثر ڪاررواين جو ثبوت آهي. صدر چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ڪڌي ارادن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو.

مزید خبریں