مواصلات واري وفاقي وزير جي باڪو ۾ رٿيل آذربائيجان انٽرنيشنل انويسٽمينٽ فورم جي اعليٰ سطحي پينل ڊسڪشن ۾ شرڪت

باڪو-25 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان باڪو ۾ رٿيل آذربائيجان انٽرنيشنل انويسٽمينٽ فورم جي هڪ اعليٰ سطحي پينل ڊسڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ علائقائي معاشي استحڪام، واپاري رابطن ۽ انفر اسٽرڪچر جي ترقي تي پاڪستان جي حڪمت عملي تي ٻڌل موقف پيش ڪيو. عالمي نمائندن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير عالمي معاشي چئلينجز، ٻارڻ ۽ سامونڊي مال برداري جي قيمتن ۾ واڌ ۽ روايتي واپاري …

باڪو-25 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان باڪو ۾ رٿيل آذربائيجان انٽرنيشنل انويسٽمينٽ فورم جي هڪ اعليٰ سطحي پينل ڊسڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ علائقائي معاشي استحڪام، واپاري رابطن ۽ انفر اسٽرڪچر جي ترقي تي پاڪستان جي حڪمت عملي تي ٻڌل موقف پيش ڪيو. عالمي نمائندن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير عالمي معاشي چئلينجز، ٻارڻ ۽ سامونڊي مال برداري جي قيمتن ۾ واڌ ۽ روايتي واپاري لنگهن کي متاثر ڪندڙ جيو پوليٽيڪل حالتن جو ذڪر ڪيو. هن زور ڀريو ته پاڪستان عالمي عدم استحڪام دوران قومي معيشت کي مستحڪم رکڻ لاءِ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي ۽ سخت مالياتي نظم ۽ ضبط لاءِ اڳواٽ قدم کنيا آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته پاڪستان علائقائي تڪرارن دوران ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڊگهي مدي واري واپاري تسلسل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڻ کي هڪ غير جانبدار سفارتي مرڪز ۽ مثبت ٽياڪڙ طور پيش ڪري رهيو آهي. مواصلات واري وفاقي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ ۽ معاشي اهميت سبب خطي ۾ هاڻوڪي ڇڪتاڻ دوران واپاري سرگرمين لاءِ هڪ محفوظ ۽ موثر لنگهه بڻجي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي پورٽ قاسم ۽ گوادر جون بندرگاهون عالمي سپلائي چين جي رواني برقرار رکڻ لاءِ مڪمل طور فعال آهن ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ گذريل مالي سال دوران 54.68 ملين ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪارگو جي ڪامياب رسد ممڪن بڻائي. وچ ايشيائي رياستن لاءِ سامونڊي گيٽ وي طور پاڪستان جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي هن ٻڌايو ته ٻطرفي واپار ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، جنهن ۾ قازقستان لاءِ روانگي واپار 240 ملين ڊالر، ازبڪستان لاءِ 118 ملين ڊالرن کان وڌي چڪي آهي، ملڪي انفرا اسٽرڪچر جي جديد ڪاري تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ايم 6 موٽر وي ۽ ايم -10 ۽ ايم اين جي سي شاهراهن جهڙن اهم موٽروي منصوبن جو ذڪر ڪيو جيڪي وچ ايشيا ۽ اولهه چين لاءِ تيز ترين ۽ موثر واپاري رستا فراهم ڪن ٿا. هن آذربائيجان سان 1500 روڊ پرمٽس جي مٽاسٽا جو ذڪر ڪيو جيڪو پاڪستاني بندرگاهن کي ڏکڻ قفقاز ۽ ٽرانس ڪاسپين ڪوريڊور سان سڌي ريت جوڙين ٿا. خطاب جي پڄاڻي تي وفاقي وزير پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، پيپر ليس ڪسٽمز سسٽمز ۽ سي پيڪ کي اي سي او، ڪيريڪ ۽ ايس سي او نيٽ ورڪس سان جوڙڻ جي عزم کي ورجايو ته جيئن ايشيا ۽ يورپ وچ ۾ هڪ پائيدار معاشي پل قائم ڪري سگهجي. پينل ڊسڪشن ۾ آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائيل جباروف ۽ ترڪيه جي ناڻي واري وزير محمد شمشيڪ به شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ ازبڪستان، اتر مقدونيه، شام، تاجڪستان ۽ مونٽي نيگرو جي وزيرن ۽ نائب وزيراعظمن به ان اهم ڳالهين ۾ حصو ورتو.

مزید خبریں