سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جي کاڄرو تيل جي صنعتڪارن کي پورٽ قاسم ۾ صنعتي سٽي قائم ڪرڻ جي آڇ

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري کاڄرو تيل جي صنعتڪارن کي پورٽ قاسم اٿارٽي جي سهڪار سان بندرگاهه تي کاڄرو تيل جي صنعتي سٽي قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. وزارت مان جاري بيان موجب جمعي ڏينهن پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن هائوس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت تجويز ڪيل صنعتي زون جي قيام ۾ صنعت کي …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري کاڄرو تيل جي صنعتڪارن کي پورٽ قاسم اٿارٽي جي سهڪار سان بندرگاهه تي کاڄرو تيل جي صنعتي سٽي قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. وزارت مان جاري بيان موجب جمعي ڏينهن پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن هائوس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت تجويز ڪيل صنعتي زون جي قيام ۾ صنعت کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي ۽ پورٽ قاسم تي ضروري بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته کاڄرو تيل جي صنعت ملڪي محصولن ۾ اهم حصو وجهي رهي اهي ۽ ان شعبي سان آمدني واپار جي مد ۾ ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪس جي صورت ۾ وڏو روينيو حاصل ٿئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت پورٽ قاسم تي صنعتي ۽ واپاري زون قائم ڪري رهي آهي ته جيئن سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ سان گڏ مينوفيچرنگ ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن ٻڌايو ته پورٽ قاسم تي 150 ايڪڙ ايراضي تي آٽوموٽيو پراسيسنگ زون قائم ڪيو ويندو جنهن کي مارڪيٽ جي طلب موجب مرحليوار وڌايو ويندو. جڏهن ته 250 ايڪڙن تي تيار ڪپڙن جو زون پڻ قائم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته تيار ڪپڙن واري زون جي پهرين مرحلي ۾ هڪ لک 38 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ ۽ ساليانو اٽڪل 2.2 ارب ڊالرن جو روانگي واپار متوقع آهي. هن چيو ته پورٽ قاسم ۾ زمين بابت مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ عمل جوڳا ڪاروباري منصوبا پيش ڪندڙ سيڙپڪارن کي زمين الاٽ ڪئي ويندي. پورٽ قاسم ۾ پاڻي جي کوٽ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته سامونڊي پاڻي کي صاف ڪري بندرگاهه تي ٻيهر استعمال جوڳو بڻائڻ لاءِ صنعتڪارن سان گڏ بزنس ماڊل ٺاهي واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائي سگهجي ٿو. هن پي وي ايم اي کي تجويز ڪيل منصوبي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته ايسوسيئيشن پورٽ قاسم سان گڏجي صنعت جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ نظام قائم ۽ هلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت پورٽ قاسم تي سهولتون ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ نجي شعبي جي شموليت وڌائڻ جي خواهشمند آهي.

مزید خبریں