پي ايس او جي خالص منافعي ۾ ساليانو بنيادن 28 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽيڊ (پي ايس او) جي خالص منافعي ۾ گذريل مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي 28 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. ڪمپني طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع مالياتي انگن اکرن موجب مالي سال 2026ع دوران ڪمپني 15.068 ارب روپين جو خالص منافعو حاصل ڪيو جيڪو مالي سال 2025ع جي ڀيٽ ۾ 28 سيڪڙو گهٽ آهي. مالي سال 2025ع دوران پي …

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽيڊ (پي ايس او) جي خالص منافعي ۾ گذريل مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي 28 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. ڪمپني طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمع مالياتي انگن اکرن موجب مالي سال 2026ع دوران ڪمپني 15.068 ارب روپين جو خالص منافعو حاصل ڪيو جيڪو مالي سال 2025ع جي ڀيٽ ۾ 28 سيڪڙو گهٽ آهي. مالي سال 2025ع دوران پي ايس او جو خالص منافعو 20.91 ارب روپيا رڪارڊ ٿيو هو، انگن اکرن موجب گذريل مالي سال دوران ڪمپني جي في شيئرز آمدني 32.10 رپيا رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته مالي سال 2025ع ۾ في شيئرز آمدني 44.74 روپيا رهي هئي. انگن اکرن موجب مالي سال 2026ع ۾ ڪمپني ٽيڪس جي مد ۾ 39.13 ارب روپين جون ادائيگيون ڪيون آهن.