سڄي ملڪ ۾ 25 کان 30 سيپٽمبر تائين برساتن جو الرٽ جاري، شهري علائقن ۾ اربن فلڊنگ، جابلو ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو: اين ڊي ايم اي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) 25 کان 30 سيپٽمبر دوران ملڪ جي مٿانهين ۽ وچين علائقن ۾ گجگوڙ سان تيز برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. اين اي او سي موجب اولهندي هوائن جو نئون موسمياتي سلسلو مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) 25 کان 30 سيپٽمبر دوران ملڪ جي مٿانهين ۽ وچين علائقن ۾ گجگوڙ سان تيز برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. اين اي او سي موجب اولهندي هوائن جو نئون موسمياتي سلسلو مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي شدت ۾ 25 کان 26 سيپٽمبر دوران وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي. ان سلسلي تحت مٿانهين خبرپختونخوا، آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ تيز برساتن سبب جابلو ندي نالن ۾ اوچتو چاڙهه ۽ هيٺين علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل صوبائي ۽ ضلعي انتظامي ادارن کي الرٽ رهڻ، حساس هنڌن تي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ۽ گهربل مشينري جو اڳواٽ بندوبست ڪرڻ ۽ پاڻي جي وهڪري جي مانيٽرنگ جي سخت هدايت ڪئي آهي. اٿارٽي عوام کي هدايت ڪئي ته هو برسات دوران برساتي ندي نالن، ٻوڏ جي وهڪرن ۽ پاڻي هيٺ علائقن  ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ هيٺائين وارن علائقن ۾ اڳواٽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، شهرين کي وقت سر ۽ تصديق ٿيل موسمي معلومات لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊزاسٽر الرٽ موبائيل ايپ کان رهنمائي وٺڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي.

مزید خبریں