اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني آسان ٽيڪس اسڪيم تي عملدرآمد بابت دڪاندارن ۽ وڪيلن جا فني اعتراض فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آسان ٽيڪس اسڪيم دڪاندارن لاءِ منفرد اسڪيم آهي جيڪا ٻي ڪنهن ڪاروباري طبقي کي ميسر ناهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن دڪاندارن لاءِ آسان ٽيڪس اسڪيم جي حوالي سان جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي …
مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني جي آسان ٽيڪس اسڪيم تي عملدرآمد بابت دڪاندارن ۽ وڪيلن جا فني اعتراض فوري ختم ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني آسان ٽيڪس اسڪيم تي عملدرآمد بابت دڪاندارن ۽ وڪيلن جا فني اعتراض فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آسان ٽيڪس اسڪيم دڪاندارن لاءِ منفرد اسڪيم آهي جيڪا ٻي ڪنهن ڪاروباري طبقي کي ميسر ناهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن دڪاندارن لاءِ آسان ٽيڪس اسڪيم جي حوالي سان جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ايف بي آر ۽ پرال جي عملدارن طرفان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آسان ٽيڪس اسڪيم جاري ڪرڻ جي هڪ مهيني ۾ هن وقت تائين 9806 دڪاندار هن اسڪيم ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ ريٽرن فائلنگ جي مختلف مرحلن ۾ آهن، آسان ٽيڪس اسڪيم ۾ 1929 نوان دڪاندار رجسٽرڊ ٿيا جيڪي پهرين ٽيڪس نظام ۾ شامل نه هئا ۽ اميد آهي ته نوان رجسٽر ٿيندڙ دڪاندار جلد ريٽرن جمع ڪرائيندا، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آسان ٽيڪس اسڪيم معمول جي طريقيڪار موجب ٽيڪس جمع نه ڪرائڻ جي ڊيڊ لائين گذرڻ کانپوءِ ڏنڊ وصول ڪيا ويندا، آسان ٽيڪس اسڪيم تحت ريٽرن جمع ڪرائيندڙن ۾ ننڍن ۽ وڏن شهرن جا دڪاندار شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آسان ٽيڪس اسڪيم تحت 428 دڪاندارن هن وقت تائين ريٽرن جمع ڪرايا آهن، مملڪتي وزير آسان ٽيڪس اسڪيم تي عملدرآمد بابت دڪاندارن ۽ وڪيلن جي فني اعتراضن کي فوري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ريٽرن جمع ڪرائيندڙ دڪاندارن کي جلد کان جلد ايف بي آر پليٽس فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته آسان ٽيڪس اسڪيم دڪاندارن لاءِ منفرد اسڪيم آهي جيڪا ڪنهن ٻي ڪاروباري طبقي کي ميسر ناهي ۽ اسان کي اميد آهي ته پنهنجي ئي تيار ڪيل اسڪيم جو وڌيڪ دڪاندار حصو بڻجندا، مملڪتي وزير چيو ته آسان ٽيڪس اسڪيم اچڻ کانپوءِ ڪو سبب ۽ جواز نٿو رهي ته دڪاندار فائلر نه بڻجن، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته واپاري ۽ ايف بي آر آفيسر روزاني جي بنياد تي رابطي کي يقيني بڻائيندا جڏهن ته ٽيڪس بارز ۽ وڪيلن سان رابطو وڌيڪ وڌائيندا.










