نيويارڪ - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان بن عبدالله ۽ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي مڪه گڏيل دفاعي معاهدي (ايم جي ڊي اي) جي فريم ورڪ تحت ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيرن …
مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي پرڏيهي وزيرن جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات، معاهدي تحت جنرل سيڪريٽريٽ، ڪميٽيون ۽ ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ طرف اڳڀرائي جو جائزو

مزید خبریں
نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان بن عبدالله ۽ جمهوريه ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي مڪه گڏيل دفاعي معاهدي (ايم جي ڊي اي) جي فريم ورڪ تحت ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيرن معاهدي تحت جنرل سيڪريٽريٽ، ڪميٽيون ۽ ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ طرف اڳڀرائي ۽ ان جي ڪم جي شروعات جي تيارين جو جائزو ورتو. وزيرن مقدس شهر مڪه ۽ مملڪت سعودي عرب ۾ شهري ۽ اقتصادي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ ڪڌي حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي. هنن سعودي هٿياربند فوج جي مستعدي ۽ ملڪ جي سيڪيورٽي جي تحفظ جي صلاحيت کي ساراهيو. هنن گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 موجب ملڪ جي پنهنجي سلامتي جي دفاع جي لاءِ مناسب سمجهيا ويندڙ قدم کڻڻ جي حق جو ورجاءُ ڪيو. وزيرن ٽنهي ملڪن جي چيفس آف اسٽاف جا فوري اجلاس گهرائڻ جي منصوبن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت ملڪ جي معاونت جي طريقن جو جائزو وٺي سگهجي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن هڪ ڌر تي حملو سمورين ڌرين تي حملو تصور ڪيو ويندو. وزيرن خطي جي موجوده صورتحال تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عالمي قانون جي اصولن، سٺي پاڙيسريت، رياستن جي خودمختياري جي گڏيل احترام، انهن جي داخلي معاملن ۾ عدم مداخلت ۽ جهازن جي سلامتي ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هنن خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوششن جي حمايت ۽ بحرانن جي پرامن حل جي حوصلا افزائي جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










