اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه سان آءِ ايف سي جي علائقائي ڊائريڪٽر جي ملاقات

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي علائقائي ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير گذريل چئن سالن دوران پاڪستان ۾ آءِ ايف سي جي وڌندڙ ڪردار ۽ ملڪ لاءِ عالمي بئنڪ گروپ جي …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي علائقائي ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز جمعي ڏينهن هتي ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير گذريل چئن سالن دوران پاڪستان ۾ آءِ ايف سي جي وڌندڙ ڪردار ۽ ملڪ لاءِ عالمي بئنڪ گروپ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت ايندڙ 10 سالن دوران هر سال ٻه ارب تائين آمريڪي ڊالر جا وسيلا متحرڪ ڪرڻ جي عزم کي ساراهيو. احد چيمه چيو ته ان تعاون ۾ پاڪستان جي ترجيحن ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبا ۽ هائوسنگ فنانس سميت ٻيا شعبا شامل آهن. ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ ايس ايم ايز جي ڪردار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. سائمن اينڊريوز ان شعبي ۾ آءِ ايف سي جي دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جو وفاقي وزير آجيان ڪئي. وفاقي وزير عالمي ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايف سي ۽ عالمي بئنڪ جي نمائندن پي پي پي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي حڪومتي قدمن کي ساراهيو. هائوسنگ فنانس جي حوالي سان سينيٽر احد چيمه چيو ته حڪومت ماڻهن کي پنهنجا گهر تعمير ڪرڻ ۽ رهائشي سهولتن تائين بهتر رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي وزير آءِ ايف سي کي دعوت ڏني ته هو هائوسنگ فنانس جي دائري ڪار کي سگهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ مدد ڪندو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي گهر بڻائڻ لاءِ مالي سهولتون ميسر اچي سگهن. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير فني مدد ۽ مالي وسيلن جي فراهمي ذريعي پاڪستان لاءِ آءِ ايف سي جي حمايت ۽ ملڪ جي ترقي ۾ عالمي بئنڪ گروپ جي وسيع ڪردار کي ساراهيو.

مزید خبریں