سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 700 روپيا واڌ، في تولو 4 لک 53 هزار 36 روپين جو ٿي ويو

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 700 روپيا واڌ سان گڏ في تولو سون 4 لک 53 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولو قيمت 4 هزار 700 روپين جي اضافي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 53 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4 هزار 700 روپيا واڌ سان گڏ في تولو سون 4 لک 53 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولو قيمت 4 هزار 700 روپين جي اضافي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 53 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 3 لک 84 هزار 375 روپين مان وڌي 3 لک 88 هزار 404 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 52 هزار 355 روپين کان وڌي 3 لک 56 هزار 50 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 126 روپيا اضافي کاپوءِ 6 هزار 963 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 108 روپين جي اضافي کانپوءِ 5 هزار 969 روپيا ٿي وئي.

مزید خبریں