اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)اسٽيٽ بئنڪ اوپن مارڪيٽ آپريشن تحت ريورس ريپوخريداري ذريعي مجموعي طور تي 10.26 ٽرلين روپيا شامل ڪري ڇڏيا آهن. بئنڪ موجب 25 سيپٽمبر 2026ع تي ڪيل آپريشن ۾ مارڪيٽ طرفان مليل سمورين آڇن کي قبول ڪيو ويو. 7 ڏينهن ۾ اوپن مارڪيٽ آپريشن تحت مجموعي طور تي 10 واڪ مليا. اسٽيٽ بئنڪ سمورين آڇن کي قبول ڪندي 564800 ملين روپيا مارڪيٽ کي فراهم ڪيا جنهن …
اسٽيٽ بئنڪ اوپن مارڪيٽ آپريشن ذريعي 10.26 ٽرلين روپيا فراهم ڪري ڇڏيا

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)اسٽيٽ بئنڪ اوپن مارڪيٽ آپريشن تحت ريورس ريپوخريداري ذريعي مجموعي طور تي 10.26 ٽرلين روپيا شامل ڪري ڇڏيا آهن. بئنڪ موجب 25 سيپٽمبر 2026ع تي ڪيل آپريشن ۾ مارڪيٽ طرفان مليل سمورين آڇن کي قبول ڪيو ويو. 7 ڏينهن ۾ اوپن مارڪيٽ آپريشن تحت مجموعي طور تي 10 واڪ مليا. اسٽيٽ بئنڪ سمورين آڇن کي قبول ڪندي 564800 ملين روپيا مارڪيٽ کي فراهم ڪيا جنهن تي ساليانو منافعي جي شرح 11.54 سيڪڙو طئي ٿي، 14 ڏينهن ۾ اوپن مارڪيٽ آپريشن ۾ 36 آڇون پيش ڪيون ويون. اسٽيٽ بئنڪ مارڪيٽ جي گهرج کي پورو ڪندي سموريون آڇون منظور ڪري ورتيون جنهن لاءِ ساليانو منافعي جي شرح 11.51 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي.











