اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته سون ۽ ٻين قيمتي ڌاتن جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي مستقبل جا سودا 1.47 ڊالرن جي گهٽتائي سان 93.14 ڊالر في بيرل جڏهن ته برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا 1.03 ڊالرن جي گهٽتائي سان 105.57 ڊالر في بيرل طئي …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي، سون ۽ چاندي ۾ اضافو

مزید خبریں
اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)عالمي مارڪيٽ ۾ جمعي ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته سون ۽ ٻين قيمتي ڌاتن جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئٽ (ڊبليو ٽي آءِ) جي مستقبل جا سودا 1.47 ڊالرن جي گهٽتائي سان 93.14 ڊالر في بيرل جڏهن ته برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا 1.03 ڊالرن جي گهٽتائي سان 105.57 ڊالر في بيرل طئي ٿيا. سون ۽ ٻين قيمتي ڌاتن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. سپاٽ گولڊ جي قيمت 17.41 ڊالرن کان وڌي 4292.43 ڊالر في اونس جڏهن ته چاندي جي قيمت 0.68 ڊالرن جي اضافي سان 64.68 ڊالر في اونس ٿي وئي.











