حيدرآباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌي ٻوليءَ ۾ قانوني اصطلاحن ۽ قانوني علم کي عام فهم وارو بڻائڻ لاءِ نامور ايڊووڪيٽ عبدالغفار هنڱورو جي تيار ڪيل قانون جي پهرين سنڌي ليگل ليڪسيڪون ڊڪشنري جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علمي، ادبي ۽ قانوني شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب دوران مختلف مقررن سنڌي ليگل ليڪسيڪون ڊڪشنري جي اهميت، ان جي افاديت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ قانوني اصطلاحن جي واڌاري بابت …
قانون جي پهرين سنڌي ليگل ليڪسيڪون ڊڪشنري جي مهورتي تقريب، مقررن پاران ڊڪشنري جي اهميت ۽ فائدن تي خيالن جو اظهار

مزید خبریں
حيدرآباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌي ٻوليءَ ۾ قانوني اصطلاحن ۽ قانوني علم کي عام فهم وارو بڻائڻ لاءِ نامور ايڊووڪيٽ عبدالغفار هنڱورو جي تيار ڪيل قانون جي پهرين سنڌي ليگل ليڪسيڪون ڊڪشنري جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ علمي، ادبي ۽ قانوني شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب دوران مختلف مقررن سنڌي ليگل ليڪسيڪون ڊڪشنري جي اهميت، ان جي افاديت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ قانوني اصطلاحن جي واڌاري بابت پنهنجا ويچار ونڊيا. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ڊاڪٽر سيد سردار شاهه، ڊڪشنري جي ليکڪ ايڊووڪيٽ عبدالغفار هنڱورو، ايڊووڪيٽ اياز حسين تنيو، سيد شهزاد شاهه ۽ ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو سنڌي ليگل ليڪسيڪون ڊڪشنري تي پنهنجا خيال پيش ڪيا. مقررن پنهنجي خطابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، قانوني علم جي واڌاري ۽ قانوني اصطلاحن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هنن چيو ته اهڙي قسم جون ڊڪشنريون سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ قانوني ذخيري ۾ اهم اضافو ثابت ٿي سگهن ٿيون ۽ شاگردن، وڪيلن، محققن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ فائديمند ثابت ٿينديون. تقريب دوران سنڌي ليگل ليڪسيڪون ڊڪشنري جي تياري ۽ ان جي افاديت کي ساراهيندي، سنڌي ٻوليءَ کي جديد علم، قانون ۽ تحقيق جي شعبن سان ڳنڍڻ جي اهميت تي پڻ روشني وڌي وئي. مقررن ڊڪشنري جي تياري ۾ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ اهڙن علمي منصوبن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌي ليگل ليڪسيڪون ڊڪشنري جي مهورت کي سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ قانوني سفر ۾ هڪ اهم قدم قرار ڏيندي، ان جي وڌيڪ پذيرائي ۽ استعمال لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.











