ڪابينه ڪميٽي اوگرا فيس، چارجز رولز ۽ ڊرگس ريسرچ رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ قانون سازي جي معاملن کي درست ڪرڻ بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، ادارن ۽ ڊويزنن جي عملدارن شرڪت ڪئي. وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪابينه ڪميٽي آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي فيس اينڊ چارجز رولز جي منظوري ڏني. ڪميٽي بجلي جي پيداوار، فراهمي ۽ورڇ بابت …

اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ قانون سازي جي معاملن کي درست ڪرڻ بابت ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، ادارن ۽ ڊويزنن جي عملدارن شرڪت ڪئي. وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪابينه ڪميٽي آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي فيس اينڊ چارجز رولز جي منظوري ڏني. ڪميٽي بجلي جي پيداوار، فراهمي ۽ورڇ بابت قانون ۾ ترميم جي پڻ مشروط منظوري ڏني. اها منظوري ڪابينه ڪميٽي جي سفارشن ۽ تجويزن جي ڄاڻايل ترميم ۾ شامل ڪرڻ سان مشروط ڪئي وئي. ڪابينه ڪميٽي پاڪستان ڪوسٽ گارڊز ايڪٽ 1973ع ۾ علائقائي فنڊ جي قاعدن بابت ترميم جي پڻ منظوري ڏني جڏهن ته ڊرگس ريسرچ رولز 1978 ع ۾ تجويز ڪيل ترميم پڻ منظوري ڪري ورتي. اجلاس ۾ ايف آءِ اي ايڪٽ 1974ع ۾ تجويز ڪيل  ترميم ۽ اميگريشن رولز 1979ع  ۾ ترميم جا معاملا ملتوي ڪيا ويا.

مزید خبریں