حيدرآباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري (ايف اي او) خوراڪ جو عالمي ڏينهن (ورلڊ فوڊ ڊي) گڏيل طور ملهائڻ ۽ زرعي پاڻي جو اثرائتو انتظام ڪرڻ، موسمياتي لچڪدار واري زراعت، تحقيق، تربيت ۽ جديد موسمياتي نگراني جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ايف اي او جي وفد، پاڻي جي عالمي …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ايف اي او پاران خوراڪ جو عالمي ڏينھن گڏيل طور ملهائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
حيدرآباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري (ايف اي او) خوراڪ جو عالمي ڏينهن (ورلڊ فوڊ ڊي) گڏيل طور ملهائڻ ۽ زرعي پاڻي جو اثرائتو انتظام ڪرڻ، موسمياتي لچڪدار واري زراعت، تحقيق، تربيت ۽ جديد موسمياتي نگراني جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ايف اي او جي وفد، پاڻي جي عالمي ماھر جيرو آرياما، ايف اي او جي گرين ڪلائميٽ فنڊ جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر اشفاق احمد ناهيون، سينيئر گرائونڊ واٽر اسپيشلسٽ توفيق احمد ۽ واٽر مينيجمينٽ اسپيشلسٽ علينا سمون جي سربراھي ۾ فيڪلٽي آف ڪراپ پروڊڪشن جي ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، فيڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين ڊاڪٽر منير احمد منڱريو، ڊاڪٽر عرفان احمد شيخ ۽ ڊاڪٽر راجيش ڪمار سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي زرعي پاڻي جي انتظام، موسمي تبديلين سان ٺھڪندڙ زراعت، يونيورسٽي جي زرعي فارم تي ايف اي او جي سهڪار سان نصب ڪيل ايواپوٽرانسپائريشن فلوڪس ٽاور جي ڪارڪردگي ۽ سار سنڀال سان گڏ، گڏيل طور تي خوراڪ جو عالمي ڏينھن ملھائڻ ۽ شاگردن توڙي فيڪلٽي جي صلاحيت وڌائڻ وارن قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ آگاهي مهم، معلوماتي ويهڪن سان گڏ انھن سرگرمين ۾ شاگردن جي شرڪت توڙي قدرتي وسيلن جي پائيدار استعمال کي خاص اهميت ڏني ويندي، فيڪلٽي آف ڪراپ پروڊڪشن جي ڊين ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ايف اي او وچ ۾ پاڻي جي وسيلن جي اثرائتي انتظام، موسمياتي لچڪدار زراعت، تحقيق ۽ تربيت جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جديد نگراني ۽ اڳڪٿي ڪندڙ ٽيڪنالاجين ذريعي شاگرد، محقق ۽ زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو فصلن جي پاڻي جي ضرورتن ۽ موسمياتي چئلينجن کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهن ٿا. ايف اي او جي ماهر مسٽر جيرو آرياما، فلڪس ٽاور جي باقاعده سار سنڀال جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته ان جي اثرائتي ڪارڪردگي، حاصل ٿيندڙ انگن اکرن جي تسلسل ۽ معيار کي برقرار رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته زرعي زمين جي سطح تي حاصل ٿيندڙ قابل اعتماد انگ اکر فصلن جي پاڻي جي استعمال، ايواپو ٽرانسپائريشن ۽ زرعي پاڻي جي بهتر انتظام بابت سائنسي تحقيق ۽ منصوبابندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملاقات ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي 25 شاگردياڻين ۽ عورت فيڪلٽي ميمبرن لاءِ ”امپيڪٽ بيسڊ فورڪاسٽنگ“ جي موضوع تي تجويز ڪيل تربيتي پروگرام تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شاگردن ۽ فيڪلٽي کي جديد موسمياتي ۽ موسمي اڳڪٿي جي اهڙن طريقن کان آگاهه ڪيو وڃي، جن ذريعي موسمي معلومات کي زراعت، آبي وسيلن ۽ معاشري تي پوندڙ امڪاني اثرن سان ڳنڍي سگهجي.











