ڀولا ڪلهوڙا پرائمري اسڪول بابت اخبار ۾ شايع ٿيل خبر حقيقتن جي ابتڙ قرار، اسڪول ۾ فرنيچر ۽ عمارت جون سهولتون موجود آهن: ڊي اي او پرائمري

لاڙڪاڻو/قمبر، 25 سيپٽمبر( اي پي پي)قمبر شهدادڪوٽ جي ڊي اي او پرائمري عنايت علي چانڊيو چيو آهي ته اخبار ۾ 23 سيپٽمبر 2026ع تي گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول ڀولا ڪلهوڙا، تعلقه قمبر بابت شاگردياڻي جو گرمي سبب بيهوش ٿيڻ ۽ اسڪول ۾ فرنيچر ۽ عمارت جي سهولتن جي کوٽ بابت شايع ٿيل خبر حقيقتن تي ٻڌل ناهي. معاملي جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري قمبر لاڳاپيل اسڪول …

لاڙڪاڻو/قمبر، 25 سيپٽمبر( اي پي پي)قمبر شهدادڪوٽ جي ڊي اي او پرائمري عنايت علي چانڊيو چيو آهي ته اخبار ۾ 23 سيپٽمبر 2026ع تي گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول ڀولا ڪلهوڙا، تعلقه قمبر بابت شاگردياڻي جو گرمي سبب بيهوش ٿيڻ ۽ اسڪول ۾ فرنيچر ۽ عمارت جي سهولتن جي کوٽ بابت شايع ٿيل خبر حقيقتن تي ٻڌل ناهي. معاملي جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري قمبر لاڳاپيل اسڪول جو دورو ڪري اصل حقيقت تي ٻڌل رپورٽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري قمبر-شهدادڪوٽ کي ڏني آهي. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري قمبر شهدادڪوٽ پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب اسڪول جي عمارت بهتر حالت ۾ آهي ۽ شاگردن لاءِ گهربل فرنيچر پڻ موجود آهي، جڏهن ته اسڪول جي سمورن ڪلاس رومن ۾ بجلي جا پکا پڻ لڳل آهن.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علائقي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو ضرور موجود آهي، جنهن سبب سخت گرمي دوران شاگردياڻي جي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ٿوري دير هوءَ بيهوش ٿي وئي. کيس فوري طور پاڻي ۽ فرسٽ ايڊ فراهم ڪئي وئي، جنهن بعد هوءَ جلد صحتياب ٿي وئي. جڏهن ته لاڳاپيل شاگردياڻي اسڪول جي باقاعده ريگيولر شاگردياڻي آهي ۽ واقعي واري ڏينهن پڻ اسڪول ۾ حاضر ٿي پڙهائي جاري رکي.ضلعي تعليم آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته لاڳاپيل اسڪول ۾ هن وقت سولر سسٽم موجود ناهي، جڏهن ته مالي سال 27-2026ع لاءِ اسڪول کي اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ جاري ڪئي وئي آهي ۽ هيڊ ماستر کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته جاري ٿيل بجيٽ کي استعمال ڪندي ترجيحي بنيادن تي سولر سسٽم لڳرايو وڃي، جيئن گرم موسم دوران بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي سگهجي ۽ شاگردن کي بهتر تعليمي ماحول فراهم ٿي سگهي.

مزید خبریں