اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي اخبارن جي مطالعي جي عادت اختيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اخبارون واقعن جي خبرن کانسواءِ علم ۾ وسعت پيدا ڪرڻ، موجوده حالتن جي پس منظر کي سمجهڻ ۽ شهري ذميوارين کان آگاهي جو موثر ذريعو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد …
اخبارون علم ۾ وسعت پيدا ڪرڻ، موجوده حالتن جي پس منظر کي سمجهڻ ۽ شهري ذميوارين کان آگاهي جو موثر ذريعو آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام خاص طور تي نوجوان نسل جي اخبارن جي مطالعي جي عادت اختيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪندي چيو آهي ته اخبارون واقعن جي خبرن کانسواءِ علم ۾ وسعت پيدا ڪرڻ، موجوده حالتن جي پس منظر کي سمجهڻ ۽ شهري ذميوارين کان آگاهي جو موثر ذريعو آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اخبارن جي مطالعي جي قومي ڏينهن تي اخبارن ۽ صحافت جي شعبي سان واڳيل سمورن صحافين ۽ صحافي تنظيمن خاص طور تي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي ميمبرن ۽ اخبارن جي پڙهندڙن کي خصوصي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اخبارون اسان جي قومي زندگي جي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي رخن جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ هڪ بابشعور معاشري جي جوڙجڪ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيون. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ تاريخ جي مختلف دورن ۾ اخبارن شعور ۽ آگاهي جي فروغ، عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۽ عوام کي مستنند معلومات ۽ متنوع موقف تائين پهچ فراهم ڪرڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آزادي جي تحريڪ دوران به اخبارن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جو موثر آواز بڻجي سياسي شعور ۽ اتحاد جي فروغ ۾ ڀرپور حصو وڌو، پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ به صحافت جمهوريت جي استحڪام، شفافيت جي فروغ ۽ قومي ۽ عالمي اهميت جي معاملن کان شهرين کي باخبر رکڻ جون قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته موجوده دور ۾ ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا خبرن تائين اسان جي پهچ ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جي طريقن کي تبديل ڪري ڏيو آهي تنهن هوندي به اخبارن جي افاديت اڄ به برقرار آهي، موجوده پس منظر ۾ جتي جعلي خبرون، غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ اطلاع تيزي سان پکڙجي سگهن ٿا، معياري صحافت ۽ ذميواراڻي رپورٽنگ جي اهميت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن چيو ته اخبارن ۾ مستنند ادارتي نظام پڙهندڙن کي تحقيق ۽ تصديق تي ٻڌل خبرون، تجزيا ۽ باخبر موقف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف صحافين، فوٽوگرافرن، پريس ورڪرز ۽ اخبارن جي شعبي سان واڳيل سمورن ماڻهن جي قومي خدمت ۽ مسلسل محنت ۽ لڳاءُ کي ساراهيو.










