چين جو صدر آمريڪا جي دوري تي پهچي ويو، صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران گهرواريءَ سان گڏجي فوجي اڏي تي سندس آجيان

واشنگٽن-24 سيپٽمبر (اي پي پي)چين جو صدر شي جن پنگ پنهنجي آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو آهي، آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ويجهو واقع اينڊريوز ملٽري بيس تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس گهرواريءِ ميلانيا ٽرمپ چين جي صدر شي جن پنگ ۽ سندس گهرواريءِ پينگ لي يوان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هي 1962ع کانپوءِ پهريون موقعو …

واشنگٽن-24 سيپٽمبر (اي پي پي)چين جو صدر شي جن پنگ پنهنجي آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي سرڪاري دوري تي آمريڪا پهچي ويو آهي، آمريڪا جي گادي واري هنڌ واشنگٽن ويجهو واقع اينڊريوز ملٽري بيس تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس گهرواريءِ ميلانيا ٽرمپ چين جي صدر شي جن پنگ ۽ سندس گهرواريءِ پينگ لي يوان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هي 1962ع کانپوءِ پهريون موقعو آهي ته ڪنهن آمريڪي صدر ذاتي طور تي ڪنهن پرڏيهي اڳواڻ جو فوجي اڏي تي استقبال ڪيو هجي، ان کان اڳ ان وقت جي آمريڪي صدر  جان ايف ڪينيڊي برطانيه جي وزيراعظم هيرالڊ ميڪملن جو هڪ فوجي اڏي تي آجيان ڪئي هئي. چين جي صدر جي آجيان لاءِ غيرمعمولي وسيع فوجي انتظام ڪيا ويا. عام طور تي سرڪاري دورن تي آيل پرڏيهي اڳواڻ وائيٽ هائوس جي اترئين داخلي دروازي مان داخل ٿيندا آهن ۽ سندن استقبال اتي ڪيو ويندو آهي جڏهن ته غير رسمي ملاقاتن ۾ کين گهٽ نمايان رستي کان اندر آندو ويندو آهي، جڏهن ته چيني صدر شي جن پنگ لاءِ اختيار ڪيل طريقيڪار انهن ٻنهي روايتن کان مختلف هو. هي غير معمولي استقبال ان اهميت کي به اجاگر ڪري ٿو ته جيڪو ٽرمپ انتظاميه ان دوري کي ڏئي رهي آهي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ مصنوعي ذهانت، ٻطرفي واپار، ايران بابت ڇڪتاڻ ۽ تائيوان تي بيجنگ جي دعويٰ سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ متوقع آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گذريل سال مئي ۾ جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جو دورو ڪيو هو ته کيس ان نوعيت جو خصوصي استقبال نه مليو هو، جنهن سان موجوده دوري جي سفارتي اهميت وڌيڪ نمايان ٿي ويندي آهي.