يوڪرين ۾ فوري جنگ بندي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن: گڏيل قومون

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن يوڪرين ۾ فوري، مڪمل غير مشروط جنگ بندي لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پنجن سالن کان جاري تڪرار دوران روس ۽ يوڪرين کي وڏي پيماني تي جنگ يا امن امان لاءِ سنجيده  ڪوششن مان ڪنهن  هڪ جي چونڊڻ ڪرڻ جي صورتحال آهي جنهن جو اثر سڄي …

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن يوڪرين ۾ فوري، مڪمل غير مشروط جنگ بندي لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀريو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پنجن سالن کان جاري تڪرار دوران روس ۽ يوڪرين کي وڏي پيماني تي جنگ يا امن امان لاءِ سنجيده  ڪوششن مان ڪنهن  هڪ جي چونڊڻ ڪرڻ جي صورتحال آهي جنهن جو اثر سڄي دنيا تي پئجي رهيو آهي. ان موقعي تي گڏيل قومن جي روز ميري ڊي ڪارلو چيو ته سفارتي رابطن سان با معنيٰ ڇڪتاڻ ۾ لاٿ به ضروري آهي، ٻي صورت ۾ شهرين، خطي ۽ عالمي امن جي سلامتي کي درپيش خطرن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن گڏيل قومن جي ان مطالبي کي ورجايو ته يوڪرين ۾ فوري، مڪمل ۽ غير مشروط جنگ بندي لاءِ سفارتي ڪوششون ٻيڻيون ڪيون وڃن.گڏيل قومن جي عهديدارن خبردار ڪيو ته يوڪرين جو تڪرار خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي جتي حملن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو شهري فوتگين ۾ اضافو ، تباهي جي پکيڙ ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جا خدشا وڌي رهيا آهن.گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس چيو آهي ته ان جنگ سبب يوڪرين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 هزار 257 شهرين جون فوتگيون ۽ 53 هزار 693 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. روز ميري ڊي ڪارلو موجب روس ۾ به گذريل هڪ سال دوران تڪرار جا شهرين تي اثر نمايان طور ظاهر ٿيا آهن. روس جي اڳواڻن موجب جنوري کان آگسٽ دوران ملڪ ۾443 شهري فوت ۽ ٻه هزار 932 زخمي ٿيا آهن.