موسمياتي قدمن لاءِ عالمي تعاون ۽ مالي مدد وڌائي وڃي: گڏيل قومون

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر(اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي سطح تي موسمياتي قدمن لاءِ مالي مدد ۾ اضافي ۽ عالمي تعاون مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ موسمياتي قدمن ۽ منصفاڻي منتقلي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي گوتريس چيو ته دنيا موسمياتي انصاف جو مطالبو ڪري رهي آهي . ان ۾ ماحولياتي …

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر(اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش عالمي سطح تي موسمياتي قدمن لاءِ مالي مدد ۾ اضافي ۽ عالمي تعاون مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ موسمياتي قدمن ۽ منصفاڻي منتقلي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي گوتريس چيو ته دنيا موسمياتي انصاف جو مطالبو ڪري رهي آهي . ان ۾ ماحولياتي اثرن ۾ گهٽتائي ۽ مالي مدد شامل آهي، ان مطالبي جو عملي قدمن ذريعي جواب ڏيڻو پوندو. انتونيو گوتريش مالي مدد جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته اسرندڙ ملڪن لاءِ ساليانو گهٽ ۾ گهٽ 300 ارب ڊالرز متحرڪ ڪيا وڃن جڏهن ته موسمياتي مالي مدد کي وڌائي ساليانو 1.3 ٽرلين ڊالرز تائين پهچايو وڃي.