برطانيا چين کي 12 ثقافتي شيون ۽ فن پارا واپس ڪري ڇڏيا

لنڊن-24 سيپٽمبر(اي پي پي) برطانيا چين کي 12 ثقافتي شيون ۽ فن پاره واپس ڪري ڇڏيا . پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيا گذريل شام جو برطانيا ۾ چيني سفارتخاني ۾ منعقد تقريب دوران 12 ثقافتي شيون ۽ فن پاره چين جي حوالي ڪيا آهن. چين جي نائب ثقافت واري وزير ثقافتي ورثه جي اڳواڻ راچوان تقريب ۾ آن لائن شرڪت ڪئي جڏهن ته برطانيا ۾ چين جي سفير زينگ زي گوانگ …

لنڊن-24 سيپٽمبر(اي پي پي) برطانيا چين کي 12 ثقافتي شيون ۽ فن پاره واپس ڪري ڇڏيا . پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيا گذريل شام جو برطانيا ۾ چيني سفارتخاني ۾ منعقد تقريب دوران 12 ثقافتي شيون ۽ فن پاره چين جي حوالي ڪيا آهن. چين جي نائب ثقافت واري وزير ثقافتي ورثه جي اڳواڻ راچوان تقريب ۾ آن لائن شرڪت ڪئي جڏهن ته برطانيا ۾ چين جي سفير زينگ زي گوانگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي اڳواڻن چيو ته چوري يا غير قانوني طور تي پرڏيهه موڪليل ثقافتي شيون انهن جي اصل ملڪن کي واپس ڪرڻ هڪ منصفاڻو قدم آهي، جيڪو ثقافتي ورثي جي تحفظ سڄي دنيا جي عوام جي ثقافتي حقن ۽ قومي جذبن جي احترام ۽ انساني تهذيب جي ورثي جي تحفظ ۾ مدد ڏئي ٿو.  برطانوي ڌر چيو ته انهن ثقافتي شين جي واپسي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عملي تعاون جو هڪ مثبت نتيجو آهي. اهي ثقافتي شيون غير قانوني واپار خلاف گڏيل ڪوششن،گڏيل احترام ۽ تعاون جي پخته عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون.