نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي گوئٽي مالا جي پرڏيهي وزير ڪارلوس راميرو مارٽينيز الوارادو سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ گوئٽي مالا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي گوئٽي مالا جي پرڏيهي وزير ڪارلوس راميرو مارٽينيز الوارادو سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي گوئٽي مالا جي پرڏيهي وزير ڪارلوس راميرو مارٽينيز الوارادو سان ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ گوئٽي مالا جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. هنن ٻطرفي سياسي مشاورت جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪندي چيو ته اهو معاهدو باقاعده رابطن جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ فراهم ڪندو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. گوئٽي مالا جي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سفارتي ۽ ثالثي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزيرن جاري بحرانن جي توانائي جي فراهمي تي اثرن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ توانائي ۽ سامونڊي واپار جي آزاداڻي رواني، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ گهڻ رخي نظام جي اهميت تي زور ڏنو ۽ گهڻ رخي ادارن، خاص طور تي گڏيل قومن جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گوئٽي مالا جي پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جي پراڻي خدمتن کي پڻ ساراهيو. ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.










