معاشي استحڪام کان پائيدار ترقي طرف منتقلي ۾ ڊجيٽل تبديلي جو ڪردار اهم نوعيت وارو آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام کان پائيدار ترقي طرف منتقلي ۾ ڊجيٽل تبديلي جو ڪردار اهميت نوعيت وارو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن جي انتظام هيٺ اعليٰ سطح جي وزارتي ڳالهين ۾ چئي. ناڻي واري وزير چيو ته …

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي استحڪام کان پائيدار ترقي طرف منتقلي ۾ ڊجيٽل تبديلي جو ڪردار اهميت نوعيت وارو آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن جي انتظام هيٺ اعليٰ سطح جي وزارتي ڳالهين ۾ چئي. ناڻي واري وزير چيو ته ڊجيٽل تبديلي پاڪستان جي معاشي استحڪام کان پائيدار اقتصادي ترقي طرف منتقلي جو اهم ذريعو آهي. ناڻي واري وزير ڊجيٽل عوامي بنيادي ڍانچي ۽ ڪيش ليس ادائيگين کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو ته رابطاڪاري سان گڏوگڏ هنر ۾ بهتري ۽ نيون مهارتون حاصل ڪرڻ تي به ڌيان ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن فري لانسرز ۽ ٻين ڊجيٽل شعبي سان واڳيل ماڻهو اعليٰ مهارت رکندڙ خدمتن طرف منتقل ٿي سگهن. ورچوئل اثاثن جو وڏي پئماني تي وڌندڙ استعمال جو حوالو ڏيندي ناڻي واري وزير قانونسازي، نگراني ۽ لائسنسنگ جي حوالي سان پاڪستان جي جاري ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته ورچوئل اثاثن جي استعمال کي صرف ڪرپٽو ڪرنسي تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر گهٽ لاڳت ۽ آسان مٽاسٽا جي ناڻي سان گڏوگڏ سرڪاري قرض ۽ ريئل اسٽيٽ جي امڪاني ٽوڪنائيزيشن جهڙي عملي استعمال تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. ناڻي واري وزير ڪامياب تجربي ۽ موثر طريقيڪار جي مٽاسٽا 7 ڊجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊي سي او جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو.

مزید خبریں