بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون وڏيون ڪارروايون، ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 19 دهشتگرد مارجي ويا، نائب صوبيدار محمد جميل شهيد: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موثر ڪارروائين دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم مجموعي طور تي 19 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ملڪ جي هڪ بهادر پُٽ شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر موجب ڪوئيٽا ضلعي جي علائقي شعبان ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان 21 سيپٽمبر کان انٽيليجنس بيسڊ ڪليئرنس آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز …

راولپنڊي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موثر ڪارروائين دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم مجموعي طور تي 19 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ملڪ جي هڪ بهادر پُٽ شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر موجب ڪوئيٽا ضلعي جي علائقي شعبان ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان 21 سيپٽمبر کان انٽيليجنس بيسڊ ڪليئرنس آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪري ڪليئر ڪري ڇڏيا آهن، جتي شديد فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 13 دهشتگرد ماريا ويا. ڪليئر ڪيل ٺڪاڻن مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ دهشتگردي جي خطري جي مڪمل خاتمي تائين ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو. ٻئي پاسي سيڪيورٽي فورسز 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي ڪيچ ضلعي ۽ ڪوئيٽا ويسٽ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي وڌيڪ ڪارروائيون ڪيون جن دوران سخت چڪرين ۾ وڌيڪ 6 دهشتگرد ماريا ويا ۽ سندن قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وطن جي دفاع ۾ بهادري سان وڙهندي 39 سالن جو نائب صوبيدار محمد جميل شهيد ٿي ويو. شهيد نائب صوبيدار جو تعلق تونسه شريف، ضلعي ڊيره غازي خان سان هو. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو آهي ته ”عزم استحڪام“ جي ويزن تحت پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي خلاف ڪارروائيون بنا ڪنهن فرق جي جاري رهنديون. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي پٺڀرائي رکندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

مزید خبریں