افغان طالبان رجيم جي ڪيرايل ڊرونز جو ملبو سيڪيورٽي فورسز تحويل ۾ وٺي ڇڏيو: سيڪيورٽي ذريعا

راولپنڊي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز غير قانوني طور افغان طالبان رجيم طرفان 23 سيپٽمبر تي ڪيل ناڪام ڊورن حملن کانپوءِ ماري ڪيرايل ڊورنز جو ملبو تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان رجيم طرفان ڪيل بزدلاڻي فضائي جارحيت کي فوري طور تي ناڪام بڻائيندي ڊرونز کي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ملبي کي فرانزڪ ۽ فني ثبوتن لاءِ پنهنجي تحويل ۾ …

راولپنڊي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز غير قانوني طور افغان طالبان رجيم طرفان 23 سيپٽمبر تي ڪيل ناڪام ڊورن حملن کانپوءِ ماري ڪيرايل ڊورنز جو ملبو تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان رجيم طرفان ڪيل بزدلاڻي فضائي جارحيت کي فوري طور تي ناڪام بڻائيندي ڊرونز کي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ملبي کي فرانزڪ ۽ فني ثبوتن لاءِ پنهنجي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. ذريعن جو صاف لفظن ۾ چوڻ آهي ته پاڪ فوج افغان رجيم جي ڪنهن به زميني، فضائي ۽ دهشتگرداڻي دراندازي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ ان کي ناڪام بڻائڻ جو مڪمل عزم ۽ ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ۽ ملڪي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جي جارحيت يا دراندازي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو.

مزید خبریں