وزيراعظم پاران حق ترقي بابت عالمي عهدنامي کي جلد کان جلد اختيار ڪرڻ جي حمايت جو ورجاءُ، ترقي جو مقصد رڳو دولت پيدا ڪرڻ نه هجڻ گهرجي پر ان کي سماجي ترقي ۽ انساني وقار جي تحفظ کي پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي: محمد شهباز شريف

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حق ترقي بابت عالمي عهدنامي کي جلد کان جلد اختيار ڪرڻ جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ترقي جو مقصد رڳو دولت پيدا ڪرڻ نه هجڻ گهرجي پر ان کي سماجي ترقي ۽ انساني وقار جي تحفظ کي پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جوڙيل ترقي جو ڍانچو معاشي تبديلين جي منصوبن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حق ترقي بابت عالمي عهدنامي کي جلد کان جلد اختيار ڪرڻ جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ترقي جو مقصد رڳو دولت پيدا ڪرڻ نه هجڻ گهرجي پر ان کي سماجي ترقي ۽ انساني وقار جي تحفظ کي پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جوڙيل ترقي جو ڍانچو معاشي تبديلين جي منصوبن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ روانگي واپار ۾ اضافي، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ، موثر موسمياتي قدمن ۽ توانائي جي ڍانچي ۾ بهتري آڻڻ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ ڊيڪليريشن آن رائيٽ ٽو ڊيولپمينٽ جي 40هين سالگرهه تي اعلى سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حق ترقي تحت هر شخص جو اهو حق آهي ته هو هڪ بهتر مستقبل جي ڳولا ڪري ۽ هر قوم جو اهو حق آهي ته اها مستقبل جي تعمير جي لاءِ ضروري وسيلا رکندي هجي. هن چيو ته 40 سال اڳ حق ترقي جي پڌرنامي انسانن کي ترقي جي مرڪز ۾ رکندي ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته ترقي عوام جو حق آهي، ان جو پيغام انتهائي اهم هو. محمد شهباز شريف چيو ته ترقي جو مقصد رڳو دولت پيدا ڪرڻ نه هجڻ گهرجي پر ان کي سماجي ترقي ۽ انساني وقار جي تحفظ کي پڻ يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ اسرندڙ دنيا ۾ اهو واعدو هڪ تلخ حقيقت کي منهن ڏئي رهيو آهي، قرضن جي ادائيگي مالي گنجائش کي محدود ڪري رهي آهي ۽ انهن گهٽ وسيلن کي استعمال ڪري رهي آهي جيڪي سڄي دنيا ۾ انساني ترقي جي لاءِ مختص هجڻ گهرجن ها. هن چيو ته موسمياتي آفتون سالن جي محنت سان حاصل ٿيندڙ ترقي جي ثمرن کي مٽائي رهيون آهن جڏهن ته ٽيڪنالاجي ۾ اڻبرابري پراڻي معاشرتي ۽ ا قتصادي فاصلي کي هڪ نئين ڊيجيٽل دور ۾ منتقل ڪرڻ جو خطرو پيدا ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي حق کي حقيقت ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگهجي جيستائين ان کي عملي جامعو پارائڻ جا ذريعا ئي فراهم نه ڪيا وڃن، تنهن ڪري هڪ فعال ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان جي ترقي جون ڪوششون ملڪي ضرورتن موجب تيار ڪيل معاشي تبديلي جي منصوبي تي ٻڌل آهن جنهن ۾ روانگي واپار ۾ اضافي، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ، موثر موسمياتي قدمن، توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري ۽ برابري ۽ بااختيار بڻائڻ کي يقيني بڻائڻ شامل آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ان ايجنڊا جي تڪميل ۾ مددگار آهي. هن چيو ته قومي ڪوششن کان اڳتي وڌندي حق ترقي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي قرضن جي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو، آئون ان کي قرضن جو ڄار چوان ٿو، عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا ته جيئن رعايتي معاونت فراهم ڪري سگهجي، موسمياتي تبديلي سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ نقصانن ۽ تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ معاونت فراهم ڪئي وڃي ۽ ڊيجيٽل ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ موجود خال کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان حق ترقي بابت عالمي عهدنامي کي جلد کان جلد اختيار ڪرڻ جي پڻ حمايت ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته ترقي جو حقيقي پيمانو اهو نه آهي ته دنيا ڪيتري اڳتي وڌي ٿي، پر اهو آهي ته انسانيت گڏيل طور تي ڪيتري حد تائين گڏجي اڳتي وڌي ٿي، اچو هن سالگرهه کي ان لمحي جي علامت بڻايون، جڏهن اسان رڳو پڌرنامي کان اڳتي وڌندي عملي قدمن طرف قدم وڌايون.

مزید خبریں