وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عرب جمهوريه شام جي صدر احمد الشرع سان ملاقات

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شام جي خودمختياري، اتحاد، علائقائي سالميت ۽ سياسي آزادي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريندي شامي عوام جي لاءِ قومي استحڪام، قومي يڪجهتي، امن ۽ معاشي بحالي جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شام جي خودمختياري، اتحاد، علائقائي سالميت ۽ سياسي آزادي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريندي شامي عوام جي لاءِ قومي استحڪام، قومي يڪجهتي، امن ۽ معاشي بحالي جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي عرب جمهوريه شام جي صدر احمد الشرع سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شام سان پاڪستان جي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ اعلى سطحي رابطن جي فروغ، اداراجاتي طريقيڪار کي فعال بڻائڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ موثر تعاون شامل آهي. وزيراعظم شام جي نئين سر تعمير ۽ معاشي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عملي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شام جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت واضح ڪندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي احترام جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ شام جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن جي وچن جي ورجاءُ سان گڏوگڏ ايندڙ سالن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.

مزید خبریں