صدر آصف علي زرداري پاران ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت آهي. صدر ملڪ جي …

اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جو ثبوت آهي. صدر ملڪ جي دفاع ۾ شهادت ماڻيندڙ صوبيدار محمد جميل شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته صوبيدار محمد جميل شهيد جي قرباني قوم جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي اڻٿڪ عزم جي علامت آهي. صدر آصف علي زرداري تونسه شريف سان تعلق رکندڙ شهيد صوبيدار محمد جميل جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں