ڪوئيٽا-23 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مستونگ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فتنه الخوارج جي شرپسندن مستونگ جي ڪنگ واديءَ ۾ قائم سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي بزدلاڻي حملي جي ڪوشش ڪئي. چوڪيءَ تي مقرر اهلڪارن فوري ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي موقعي تي ٻن دهشتگردن کي …
آپريشن ردالفتنه – 3 تحت مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي، 9 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
ڪوئيٽا-23 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مستونگ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب فتنه الخوارج جي شرپسندن مستونگ جي ڪنگ واديءَ ۾ قائم سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي بزدلاڻي حملي جي ڪوشش ڪئي. چوڪيءَ تي مقرر اهلڪارن فوري ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي موقعي تي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ان کانپوءِ فرار ٿيل دهشتگردن جو گهيراءُ ۽ پيڇو ڪندي وڌيڪ 7 خوارجين کي ماريو ويو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان 3 موٽرسائيڪلن سميت وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو. جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو هڪ جوان زخمي ٿيو جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان مان آخري دهشتگرد جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون بنا رنڊڪ جي جاري رهنديون.











