راولپنڊي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي اثرائتي ۽ فعال ايئر ڊفينس سسٽم پاڪستاني فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ افغان طالبان رجيم جي سمورن 8 ڊرونز کي فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب اربع جي صبح افغان طالبان رجيم طرفان 8 ڊرونز پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ڪيا ويا جن جو مقصد عوامي هنڌن تي نشانو بڻائڻ هو، جڏهن ته پاڪ فضائيه ۽ دفاعي نظام …
پاڪ فضائيه ۽ ايئر ڊفينس جي وقت سر ڪارروائي، افغان رجيم جا سمورا 8 ڊرونز ڪيرايا ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي اثرائتي ۽ فعال ايئر ڊفينس سسٽم پاڪستاني فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ افغان طالبان رجيم جي سمورن 8 ڊرونز کي فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب اربع جي صبح افغان طالبان رجيم طرفان 8 ڊرونز پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ڪيا ويا جن جو مقصد عوامي هنڌن تي نشانو بڻائڻ هو، جڏهن ته پاڪ فضائيه ۽ دفاعي نظام فوري رد عمل ڏيندي ان بزدلاڻي ڪوششن کي پيشيوراڻي انداز ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو. ڪارروائي دوران 4 ڊرونز کي طورخم بارڊر جي ڀرپاسي واري علائقن ۾ جڏهن ته 4 ڊرونز کي ڪوهاٽ ضلعي جي سرحدي جابلو علائقن ۾ نشانو بڻائي ڪيرايو ويو. سيڪيورٽي ذريعن واضح ڪيو ته هي فضائي دراندازي افغان رجيم طرفان دهشتگردن جي کليل سرپرستي جو هڪ ٻيو واضح ثبوت آهي. واضح رهي ته گذريل رات به پاڪ فوج ڪُرم سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ جي جواب ۾ سرحد پار افغان طالبان رجيم جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن ۽ مورچن کي اثرائتي جوابي ڪارروائي ۾ تباهه ڪيو هو.











