ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ پاران ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حتمي حل سان آهي، ڀارتي اڳواڻن پاران آزاد ڪشمير ۽ گلگت …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حتمي حل سان آهي، ڀارتي اڳواڻن پاران آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت بنا جواز دعوى ۽ غيرذميواراڻا بيان علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهن، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال بهتر بڻائي، ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪشميري سياسي پارٽين تي هنيل پابندي ختم ڪري، سمورين پابندين تي ٻڌل ۽ سخت قانون رد ڪري. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن جمهوريه آذربائيجان، پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ نائجر جي پرڏيهي وزيرن ۽ اعلى عملدارن جو نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي اجلاس ٿيو. اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڪئي. او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ ۽ او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن جي رپورٽ، پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي بريفنگ، رابطا گروپ جي ٻين ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ اعلى عملدارن جي خيالن ۽ ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال تي بريفنگ کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت او آءِ سي جي اڳوڻي بيانن ۽ قراردادن جي توثيق ڪندي 25 سيپٽمبر 2019ع، 22 جون 2020ع، 23 سيپٽمبر 2021ع، 22 مارچ 2022، 21 سيپٽمبر 2022ع، 17 مارچ 2023ع، 20 سيپٽمبر 2023ع، 26 سيپٽمبر 2024ع، 22 جون 2025ع ۽ 23 سيپٽمبر 2025ع تي منعقد ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاسن ۾ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامن جي نقطن جو ورجاءُ ڪندي پرڏيهي وزيرن ۽ اعلى عملدارن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب ڪشميري عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ مئي 2025ع ۾ ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ڪيترين ئي جاين تي غيرقانوني ۽ بنا جواز حملا ڪيا ويا ۽ وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي خطي کي عدم استحڪام ۾ وجهن. اجلاس ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ فوجي ڇڪتاڻ کانپوءِ جنگبندي جي آجيان ڪئي ۽ سمورن ملڪن پاران ثالثي ۽ ٻنهي ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ ۽ ان معاهدي تائين پهچڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ تعميري ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حتمي حل تي آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڪجهه ڀارتي اڳواڻن پاران آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت بنا جواز دعوى ۽ غيرذميواراڻا بيان علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهن. پهلگام حملي جي ردعمل ۾ ڀارتي عملدارن پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شروع ڪيل ڪريڪ ڊائون تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو جنهن ۾ اٽڪل 2800 ماڻهن جي گرفتاري ۽ اٽڪل ٽي درجن گهرن کي ڊاهڻ شامل آهي. اجلاس ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جي مسلسل جاري ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي ۽ نشاندهي ڪئي ته 2019ع کان هيستائين 3.4 ملين کان وڌيڪ اهڙا سرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آهن. ناليواري ڪشميري اڳواڻن ياسين ملڪ، آسيه اندرابي ۽ شبير احمد شاهه جي مسلسل حراست ۽ ضمانت کان انڪار تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ هزارين ڪشميري سياسي ڪارڪنن، اختلاف راءِ رکندڙن ۽ انساني حقن جي علمبردارن جي ڊگهي حراست، ڪيترين ئي ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي ۽ ڪشميري ڪارڪنن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي جاري مهم جي مذمت ڪئي وئي. سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ عيدگاهه ۾ عيدالاضحى ۽ عيدالفطر جهڙن اهم مذهبي موقعن تي مذهبي اجتماعن تي هنيل پابندين جي پڻ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران کنيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان گڏوگڏ ان کانپوءِ کنيل انهن قدمن کي پڻ رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو جن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ان جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارتي آئين تحت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڪا به چونڊ مشق ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو متبادل نٿي ٿي سگهي. اجلاس ۾ اپريل 2025ع ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي دوري جي آجيان ڪئي وئي. 2 مئي 2025ع تي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي لاءِ او آءِ سي گروپ آف ايمبيسڊرز پاران جاري ڪيل گڏيل پريس بيان جي پڻ آجيان ڪئي وئي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي متاثر ڪندڙ بنيادي مسئلو آهي، 22 جون 2025ع تي استنبول ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 51هين اجلاس جي موقعي تي منعقد ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پرامن حل جي لاءِ ڪيل اعلان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. 23 سيپٽمبر 2025ع تي نيوارڪ ۾ وزارتي اجلاس ۾ او آءِ سي رابطا گروپ پاران منظور ڪيل گڏيل پڌرنامي جي پڻ آجيان ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. سيڪريٽري جنرل ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي آهي ته اهي گڏيل قومن سميت مختلف عالمي فورمز تي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن ۽ صورتحال کي اجاگر ڪن. اجلاس ۾ درخواست ڪئي وئي ته او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن آزاد ڪشمير ۽ لائين آف ڪنٽرول جون حقيقتون معلوم ڪرڻ وارو مشن روانو ڪيو وڃي ته جيئن زميني صورتحال بابت سڌي سنئين معلومات حاصل ڪري سگهجي. اجلاس ۾ نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ او آءِ سي جي مبصر مشنز کي هدايت ڪئي وئي ته اهي ان گڏيل پڌرنامي جي ڪاپي سمورن ميمبر ملڪن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس کي موڪلين. اجلاس ۾ ڀارت تي زور ڏنو ويو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال بهتر بڻائي، سمورن ڪشميري سياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪشميري سياسي پارٽين تي هنيل پابندي ختم ڪري، سمورين پابندين تي ٻڌل ۽ سخت قانون رد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري.